آمريڪا سان سٺن لاڳاپن جو مطلب اهو ناهي ته غلط شين ۾ به ساٿ ڏيون: اسحاق ڊار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آمريڪا سان سٺا لاڳاپا هجڻ جو مطلب اهو ناهي تهاسان غلط ڪمن ۾ به ساٿ ڏينداسين. اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس دوران چيو ته سلامتي ڪائونسل ۾ ڪانفرنس شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ان کي ملتوي ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي، جيڪا پاڪستان جي ڪوششن سان ناڪام ٿي. پاڪستان جي جدوجهد سان والاريل ڪشمير بابت اجلاس ٿيو. ايران-اسرائيل جنگ تي به سلامتي ڪائونسل ۾ جيڪو ڪري سگهيو سو ڪيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته او آءِ سي فورم ۾ فلسطين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو، وچ اوڀر جي صورتحال تي او آءِ سي ۾ غور ڪيو ويو، ترڪ صدر اسان جي قيادت سان وڏي گرم جوشي سان مليا. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ايران لاءِ باعزت جنگبندي جو خواهشمند هو، ايران جي پارليامينٽ ۾ پاڪستان جي حق ۾ نعرا هنيا ويا. آمريڪا پاران ايران تي حملي کان پوءِ پاڪستان واضح بيان جاري ڪيو ۽ سخت مذمت ڪئي. اسان نه ٿا چاهيون ته ڪو ايران کي هيٺ ڏيکاري.نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان شروعات کان ايران جي حق ۾ ڳالهه ڪئي، ايران سلامتي ڪائونسل ۾ سڀ کان اڳ پاڪستان جي موقف جي ساراهه ڪئي. سلامتي ڪائونسل ۾ روس، چين ۽ الجزائر به ساٿ ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.