ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون (DSEZ) جي ترقي جو جائزو وٺندي سيڙپڪاري کاتي کي هدايت ڪئي ته ترقياتي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي ۽ سال جي آخر تائين سيڙپڪارن کي پلاٽ الاٽ ڪيا وڃن، هي زون سنڌ ۾ وسيع پيماني تي سيڙپڪاري آڻڻ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ ٺاهيو پيو وڃي، صوبائي صنعتي ترقي جي حڪمت عملي تحت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ DSEZ جي ترقي تي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. وڏي وزير چيو ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون کي بنا دير فعال ڪيو وڃي ته جيئن روزگار جا موقعا پيدا ٿين ۽ سيڙپڪاري جو عمل شروع ٿي سگهي، هن هدايت ڪئي ته سال جي آخر تائين سيڙپڪارن کي صنعتي پلاٽ الاٽ ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو وڃي ته جيئن 2026ع جي شروعات تائين زون صنعتي سرگرمين لاءِ مڪمل طور تي تيار ٿي سگهي، هڪ اهم نڪتو پورٽ قاسم کي ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون جي پوئين حصي سان ملائيندڙ روڊ جي جلد تعمير هئي ۔جنهن کي وڏي وزير لاجسٽڪس ۽ سيڙپڪارن جي رسائي لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو، هن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڏني ته هن روڊ منصوبي کي ترجيح ڏئي جلدي مڪمل ڪيو وڃي.