لکي غلام شاهه (رپورٽ:نديم جان مهر) چڪ لڳ ڪچي واري علائقي ڳوٺ مزار خان ڪرسي جتوئي ڪريمڻ ڪرسي جتوئي ۽ سندس ڀاڻيجي غلام نبي ڪرسي جتوئي جي ڌرين وچ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، ٻنهي ڌرين پاران هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي نوجوان محمد عيسي عرف احسان پٽ غلام نبي ڪرسي جتوئي قتل ٿي ويو ڌرين وچ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي جڏهن ته بچل ڀيو ٿاڻي جي جي پوليس اطلاع باوجود واقعي واري هنڌ نه پهتي وارث لاش رڪشا لوڊر ۾ کڻاڻي بچل ڀيو ٿاڻي تي پهچايو جتان لاش لکي غلام شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو پوليس مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو مقتول نوجوان جو لاش ڳوٺ مزار خان ڪرسي جتوئي پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ،ٻڌايو وڃي ٿو ته ٻئي ڌريون پاڻ ۾ ماما ڀاڻيجا آهن.