عمران خان کي پارٽي ۽ سندس ڀيڻ مائنس ڪري ڇڏيو آهي:عظميٰ بخاري

لاهور (بيورو+م ڊ )پنجاب جي اطلاعات ۽ ثقافت واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي اندرين سياست ۾ اهڙيون ڏارون اچي ويون آهن جو هاڻ پارٽي جي بانيکي سندس ئي جماعت ۽ ڀيڻ سياسي منظرنامي مان مائنس ڪري ڇڏيو آهي، عظميٰ بخاري چيو ته قدرت جو انصاف ڏسو، جيڪو شخص نواز شريف کي مائنس ڪرڻ نڪتو هو، اهو پاڻ پنهنجي گهر ۽ پارٽي مان مائنس ٿي ويو آهي،هن چيو ته عليمه خان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور خلاف لڳاتار سازشون ڪري رهي آهي، عظميٰ بخاري چيو ته جيڪڏهن علي امين گنڊاپور وڏي وزير جي حيثيت سان صوبي جو بجيٽ منظور نه ڪرائي ها ته کيس آئيني طور تي عهدو ڇڏڻو پوي ها، هن چيو ته وفاقي سطح تي پي ٽي آءِ ٽي ڌڙن ۾ ورهايل آهي.

  1. عمران خان کي مائنس ڪرڻ جو تاثر غلط آهي: بيرسٽر سيف

پشاور(م ڊ) خيبرپختونخوا جي اطلاعات بابت صلاحڪار ڊاڪٽر بيرسٽر سيف چيو آهي ته صوبي جي بجيٽ مشروط طور تي منظور ڪئي وئي آهي،۽ ان منظوري کيعمران خان کي مائنس ڪرڻ سان جوڙڻ بلڪل غلط ۽ بي بنياد ڳالهه آهي.پنهنجي بيان ۾ بيرسٽر سيف واضح ڪيو ته تحريڪ انصاف عمران خان جي حڪم جي پابند آهي، ۽ پارٽي جي سمورن اڳواڻن لاءِ عمران خان جا فيصلا انتهائي قابلِ احترام آهن.هن وڌيڪ چيو ته وزيراعليٰ خيبرپختونخوا، عمران خان جي هدايت تي ملاقات لاءِ اعليٰ عدالت سان رابطو ڪيو آهي، ۽ اميد آهي ته جلد ملاقات جو بندوبست ڪيو ويندو. ان ملاقات کان پوءِ عمران خان جي هدايتن جي روشني ۾ صوبي جي بجيٽ ۾ ممڪن تبديليون آڻي سگهجن ٿيون.

  1. ايراني پارليامينٽ آءِ اي اي اي سان سهڪار معطل ڪرڻ واري بل جي منظوري ڏئي ڇڏي

تهران(م ڊ) ايراني پارليامينٽ، عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي سان سهڪار معطل ڪرڻ بابت بل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ايراني ميڊيا مطابق، پارلياماني ڪميٽي آمريڪي ۽ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ آءِ اي اي اي جي روئي جو جائزو وٺندي، ان سان سهڪار معطل ڪرڻ جي بل کي منظور ڪيو آهي، ترجمان ٻڌايو ته بل جي حق ۾ 222 ووٽ پيا، جڏهن ته ڪنهن به مخالفت نه ڪئي، صرف هڪ رڪن ووٽ نه وڌو، پر هن قدم جي آخري منظوري ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ڏيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.