گورنر هائوس بند ڪرڻ وارو مامرو،ٽيسوري پاران عدالتي فيصلو چئلينج

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي، بيرسٽر عابد زبيري پاران داخل ڪيل آئيني درخواست تي سپريم ڪورٽ ڪراچيرجسٽري جي هدايت تي اسلام آباد ۾ ٻڌڻي ڪئي ويندي، عدالت موجب هي آئيني معاملو آهي جنهن تي ٻڌڻي پرنسپل بينچ ۾ ٿيندي. عابد زبيري موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ اسان کي ٻڌڻ کانسواءِ فيصلو ڏنو،  داخل درخواست جي موقف موجب قائم مقام گورنر اويس قادر شاھه کي اجلاس ڪرڻ کان نه روڪيو ويو هو ، تصويرن ۽ وڊيو مان واضح آهي ته وقتي گورنر کي مڪمل پروٽوڪول ڏنو ويو هو، درخواستگذار جي موقف موجب آئين وقتي گورنر جي اختيار جي دائري کي بيان ڪري ٿو، وقتي گورنر 2015 جي قانون تحت گورنر هائوس استعمال نٿو ڪري سگهي، درخواستگذار جو موقف آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ تڪڙ ۾ فيصلو ڪيو آهي ۽ درخواست کي رد ڪيو آهي، درخواست ۾ گذارش ڪئي وئي آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.