ڪراچي(ع آ نيوز) قومي احتساب بيورو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هيٺ شڪي غيرقانوني ڀرتين خلاف جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.نيب، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين سميت ميمبرن ۽ آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.نيب پاران موجوده چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو لاڳاپيل رڪارڊ مهيا ڪري ۽ جوابدارن جي موجودگي يقيني بڻائي. نيب، چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي 2 جولاءِ تي رڪارڊ ۽ جوابدارن کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.