احمدپور (رپورٽ:مختيار علي ميتلو ) احمدپور لڳ ڳوٺ خدابخش ميتلو ۾ 2 ٻارڙا 10 سالن جو عبدالله پٽ محبوب ميتلو ۽ 8 سالن جي سنينان ڌيءَ صوبل ميتلو ڳوٺ ڀرسان پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ وھنجڻ دوران ٻڏي فوت ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي مھيسر وڏا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تلاءُ مان ڪڍرائي وارثن حوالي ڪيا، ان ڏس ۾ پوليس جو چوڻ هو ته اطلاع مليو ته ٻه معصوم ٻارڙا پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ واقعي واري هنڌ پهچي لاش ڪڍرائي وارثن حوالي ڪيا آهن، جن جي سڃاڻپ عبدالله ميتلو ۽ نينگريءَ جي سنينان ميتلو طور تي ٿي آھي، جيڪي ڳوٺ خدابخش ميتلو جا رهواسي آهن، جن جا لاش اوچتو گهر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو آهي.