دادو(رپورٽ: غوث جھتيال ) دادو شھر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ٿاڻي جي ڪجھ فوٽن جي مفاصلي تي دادو پريس ڪلب ۽ نيشنل بينڪ واري علائقي ۾ واقع سنڌ ٽي وي جي ضلع آفيس ۽ جاني پرنٽنگ پريس تي ھٿياربند جو حملو نتيجي ۾ دادو پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر ۽ صحافي ولي چانڊيو جو ڀاء سينيئر صحافي ۽ سي آر سي دادو ضلع جو صدر نياز چانڊيو ۽ دادو پريس ڪلب جو ميمبر صحافي رفيق احمد چنا پڻ گولي لڳڻ ڪري سخت ٿي پيو آھي ھڪ ئي وقت 2 صحافي حملي ۾ زخمي ٿيڻ تي شھري پوليس ۽ صحافي واقعي واري ھنڌ پھچي ٻنھين زخمي صحافين کي سول اسپتال علاج لاء پھچايو جتي صحافي نياز چانڊيو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي ٽرامه سينٽر ۾ علاج لاءِ نيو ويو جڏھن ته زخمي صحافي رفيق احمد چنه کي سيوھڻ جي سرڪاري اسپتال جي آء سي يو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آھي ٻئي طرف پوليس جي مقابلي ۾ مارجي ويل حملي آور جي بابت اي سيڪشن دادو پوليس پنھنجي بيان ۾ چيو آھي ته مارجي ويل حملي آور پنھنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو آھي جنھن جو ڏوھاري رڪارڊ پڻ مليو آھي زخمي صحافي نياز چانڊيوجي ڀاء ولي چانڊيو جو چوڻ آھي منھنجي ڀاء کي منشات فروشن خبرن جي پاداش ۾ حملو ڪري کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو آھي ۽ صحافي نياز چانڊيو کي 6 گوليون لڳل ٻڌايون وڃن ٿيون صحافي رفيق احمد چنه کي ھڪ گولي لڳي آهي