حيدرآباد/بدين(رپورٽر/رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) سنڌ جي مزاحمتي ۽ رومانوي شاعر آڪاش انصاري جي قتل ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل لطيف آڪاش انصاري جي ضمانت لاءِ داخل درخواست جي شنوائي سڀاڻي 26 جون تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. قتل ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي پاليل پٽ لطيف آڪاش انصاري ضمانت لاءِ پنهنجي وڪيل معرفت درخواست داخل ڪرائي آهي. ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي فرسٽ ايڊيشنل سيشن ۽ ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي جج تصور راجپوت ڪئي.عدالت ۾ جوابدار ڄاڻايل لطيف آڪاش انصاري ۽ فريادي جان محمد انصاري جا وڪيل پيش ٿيا. جڏهن ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي بيواھه حليمه انصاري عدالت جي احاطي ۾ موجود هئي، پر هوءَ ڪيس جي شنوائي دوران حاضر نه ٿي. فريادي جان محمد انصاري جي وڪيل سهيل حسين نوتڪاڻي ٻڌايو ته ڪيس جي پيروي سندن سينيئر وڪيل طارق شاھه ڪري رهيو آهي، هو ملڪ ۾ موجود ناهي، ان ڪري سندس پاران هن ڪيس جي پيروي ڪئي. هن چيو ته ايندڙ شنوائي تي هو جوابدار جي ضمانت واري درخواست تي اعتراض پيش ڪندا. فريادي جان محمد انصاري ۽ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي دوست علم الدين انصاري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي زال حليمان انصاري ڀلي قاتل پاليل پٽ لطيف کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري، پر اسان ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو خون لوڙهڻ نه ڏينداسين ۽ قانوني طور ڪوششون جاري رکي قاتل کي سزا ڏيارينداسين. چيو ته هو چاهين ٿا ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي خون سان انصاف ٿئي،جڏهن ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي بيواھه عدالت کي لکي ڏنو آهي ته لطيف آڪاش قتل ۾ ملوث نه آهي ۽ هن ضمانت واري درخواست تي اعتراض وارڻ بدران لکي ڏنو آهي ته جيڪڏهن لطيف آڪاش جي ضمانت ٿئي ٿي ته هن کي ڪو اعتراض نه هوندو. ان موقعي ساڻن ايڊووڪيٽ سليمان ڏاهري، وڪيل شاڪر نواز شر، ظھير انصاري، خادم انصاري، فھيم بچل ميمڻ ۽ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جا مائٽ ۽ دوست پڻ موجود هئا. ٻئي طرف جڏهن صحافين ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي بيواھه حليما انصاري سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. حليما انصاري عدالت ۾ حلف نامون داخل ڪرايو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته لطيف آڪاش انصاري کي بيگناھه ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي. جڏهن ته هو واقعي واري وقت جاءِ واردات تي موجود ئي نه هو. جوابدار طور لطيف آڪاش جو نالو خانداني رنجشن سبب ڏنو ويو. هن چيو ته جيڪڏهن عدالت لطيف آڪاش کي ضمانت ڏيندي ته کيس ڪوبه اعتراض نه هوندو. هوڏانهن ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ڌيءُ ميران انصاري سندس ماءُ طرفان لطيف انصاري جي حق ۾ داخل درخواست تي ڪائونٽر ايپليڪيشن داخل ڪرڻ بابت سوشل ميڊيا تي پوسٽ رکي آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته ھوءَ 26 جولاءِ تي جوابدار جي ضمانت واري درخواست خلاف پنھنجا اعتراض داخل ڪرائيندي.