بيجنگ(م ڊ) چين چيو آهي ته ايران-اسرائيل جنگ بندي جا مقصد جلد حاصل ٿيڻ جي اميد آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمانپنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسين تڪرار ۾ واڌارو نٿا چاهيون. جنگ بندي جا هدف جلد حاصل ٿيڻ جي اميد آهي. ترجمان چيو ته اسان وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون.