ڪراچي ۾ زلزلي جا جهٽڪا، ماڻهن ۾ خوف

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ رات دير سان قائدآباد ۽ انجي آس پاس وارن علائقن ۾ زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا، زلزلو ماپيندڙ مرڪز مطابق قائدآباد ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ رات 3 وڳي 14 منٽن تي زلزلو آيو، جنهن جي شدت 3 ريڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جو مرڪز ملير هو ۽ ان جي کوٽائي 8 ڪلوميٽر هئي، گذريل ڏينهن به ملير ۽ قائدآباد ۾ رات 8 وڳي 15 منٽن تي زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا هئا، جنهن جي شدت 3.3 ريڪارڊ ڪئي وئي هئي، جڏهن ته ان زلزلي جي کوٽائي 50 ڪلوميٽر ۽ مرڪز ڊي ايڇ اي سٽي کان اتر طرف 5 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.