ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي علائقي گلشن معمار ۾ هڪ نوجوان عورت آرام بي بي کي قتل ڪرڻ بعد ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائڻ جيڪوشش کي پوليس ناڪام بڻائي ڇڏيو، پوليس افغان ڪيمپ مان مقتولا جي پيءُ ياسين کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته مڙس محمد افغاني ۽ ٻيا جوابدار فرار ٿي ويا آهن، ايس ايڇ او گلشن معمار انسپيڪٽر غفار ڪورائي موجب مقتولا جي سڃاڻپ 17 ورهين جي آرام بي بي طور ٿي،آرام بي بي کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو، شروعاتي جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته آرام بي بي جي شادي ننڍپڻ ۾ ڪرائي وئي هئي، هوءَ هڪ نياڻي جي ماءُ پڻ هئي، لاش کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، قتل گھريلو تڪرار جو نتيجو آهي، مقتولا جي مڙس سميت فرار جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.