ڪراچي رهائش جي قابل ناهي ته سڄي ملڪ مان ماڻهو هتي ڇو ٿا اچن؟ شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي اطلاعات کاتي "آءِ ورڪ فار سنڌ” نالي ايپ متعارف ڪرائي، جيڪا 14 مارچ 2025 تي لانچ ڪئي وئي. هن وقت تائين هن ايپ ۾ 72 لک ماڻهو رجسٽر ٿي چڪا آهن، جن مان هڪ لک 27 هزار 12 ماڻهو نوڪري جي ڳولا ۾ آهن، جڏهن ته 12 هزار 310 ماڻهن کي روزگار ملي چڪو آهي. سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ سيشن سان خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ سڀ کان پهرين ايران تي ٿيل حملي جي سخت مذمت ڪئي. هن چيو ته سنڌ حڪومت مختلف صحافتي تنظيمن کي 29 ڪروڙ 70 لک رپيا گرانٽ طور ڏنا آهن. سندس چوڻ هو ته اها اسان جي ذميواري آهي ته عوام کي ٻڌايون ته حڪومت ڇا ڪري رهي آهي. ٽرانسپورٽ کاتي جي بهتري لاءِ موبائيل فٽنس سرٽيفڪيٽ ايپ متعارف ڪرائي وئي آهي، جنهن ذريعي گاڏين جي فٽنس چيڪ ٿي رهي آهي هن چيو ته  پاڪستان جي پهرين اليڪٽرڪ بس سروس سنڌ حڪومت شروع ڪئي، جڏهن ته پنڪ بس سروس نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي جي عورتن لاءِ مخصوص پهرين سهولت آهي. حڪومت عورتن کي 1000 پنڪ اليڪٽرڪ اسڪوٽر فراهم ڪري رهي آهي، جن لاءِ هن وقت تائين 8 هزار درخواستون ملي چڪيون آهن ۽ 145 عورتن کي لائسنس جاري ٿيو آهي. هن چيو ته  جن ماڻهن وٽ جهوپڙيون هيون، انهن کي پڪا گهر ڏنا ويا آهن ۽ انهن گهرن تي عورتن کي مالڪي جا حق ڏنا پيا وڃن. سيد ناصر حسين شاهه جي اڳواڻي ۾ ٻه لک گهرن کي سولر سسٽم جي سهولت ڏني پئي وڃي. هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن ڪراچي رهڻ جي قابل ناهي ته پوءِ پورو پاڪستان هتي روزگار لاءِ ڇو اچي ٿو؟ سنڌ سموري ملڪ جي معاشي ۽ انفراسٽرڪچر جو بار کڻي رهي آهي. سنڌ جا 180 ارب رپيا عدالتن ۾ ڦاٿل آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ مفت علاج جي سهولت آهي، جنهن مان پورو ملڪ فائدو وٺي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ جا ماڻهو روزگار لاءِ ٻين صوبن ۾ نٿا وڃن، پر ٻين صوبن جا ماڻهو سنڌ ۾ اچن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.