ڪراچي(رپورٽر) موسميات کاتي ڪراچي جي شهرين کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي، ايندڙ جمعي کان برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، موسميات کاتي جي ترجمان انجم نظير موجب، 26 جون کان سنڌ ۾ چوماسي جو سسٽم اثر انداز ٿيڻ شروع ٿيندو، موسميات کاتي موجب 25 جون تي چوماسي جو نظام ملڪ جي مٿانهين علائقن تي اثرانداز ٿيڻ جو امڪان آهي، 26 جون کان وٺي سنڌ ۾ به برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ جي امڪان آهي، جمعي 28 جون کان ڪراچي ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ڇنڇر ۽ آچر 29 ۽ 30 جون تي برسات وڌيڪ پوڻ جو امڪان آهي، موسميات کاتي هدايتون جاري ڪيون آهن ته شھري موسمي حالتن تي نظر رکن، خاص طور تي گهٽ علائقن ۾ پاڻي جي نيڪالي لاءِ اڳواٽ تياري رکن، سفر دوران احتياط اختيار ڪن.
-
اسرائيل پاران ايران سان جنگبنديءَ جي خواهش:وال اسٽريٽ جي دعويٰ
واشنگٽن / تل ابيب(م ڊ) نامياري آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل دعويٰ ڪيو آهي ته اسرائيل ايران سان جنگبندي ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اهو واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته اسرائيل هاڻي حملا روڪڻ چاهي ٿو، خاص طور تي جڏهن ته هو ايران جي جوھري ۽ بيلسٽڪ ميزائل پروگرام خلاف پنهنجا اهم هدف حاصل ڪري چڪو آهي يا جلد حاصل ڪري ڇڏيندو، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته اسرائيلي اختيارين عرب ملڪن ذريعي ايران تائين پيغام پهچايو آهي ته جيڪڏهن ايران طرفان وڌيڪ جوابي حملا نه ٿيا ته اسرائيل تيار آهي ته ڇڪتاڻ گهٽائي،آمريڪا به عرب اتحادي ملڪن کي چيو آهي ته هو اسرائيل جو پيغام ايران تائين پهچائين، هڪ اسرائيلي اهلڪار جو بيان اسين حملن جي بندش ۾ سنجيده آهيون، پر هاڻي فيصلو ايران کي ڪرڻو آهي، رپورٽ ۾ دعويٰ ڪيو ويو آهي ته اسرائيل چند ڏينهن ۾ پنهنجي سڀني فوجي مقصدن خاص طور تي ايراني جوهري تنصيبات ۽ ميزائل پروگرام کي نشانو بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو،ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ وڌندڙ فوجي ڇڪتاڻ تي، عالمي برادري به پريشان آهي ۽ خطي ۾ جنگي پکيڙ کان بچڻ جي اپيل ڪري رهي آهي.
-
جنگ ’جوارِي‘ ٽرمپ شروع ڪئي، ختم اسان ڪنداسين:خاتم الانبياءُ يونٽ
تهران(م ڊ) ايراني فوج جي خاتم الانبياء يونٽ جي ترجمان خبردار ڪيو آهي ته آمريڪا کي ايران جي ٽن وڏين ايٽمي تنصيبات تي بمباري ڪرڻ کانپوءِ سنگين نتيجن وارن سخت حملا کي منهن ڏيڻو پوندو. جنگ ’جوارِي‘ ٽرمپ شروع ڪئيهئي، پر ختم اسان ڪنداسين. ايراني خبر ايجنسي موجب، خاتم الانبياء يونٽ جي ترجمان ڪرنل ابراهيم ذوالفقاري آمريڪا تي الزام هنيو ته هي ڏوهاري قدم هن اسرائيل جي طرفان کنيو، جيڪو ايران جي خودمختياري جي کليل ڀڃڪڙي آهي. ترجمان چيو ته هي جارحاڻو عمل هڪ ختم ٿيندڙ صهيوني حڪومت کي وري زنده ڪرڻ جي ڪوشش آهي.