دادو ضلعي ۾ بدامني،پاڻي کوٽ،غيرقانوني ٽول پلازا خلاف جوهي ۾ ريلي،ڌرڻو

جوهي ( ن ع آ )آل پارٽيز ڪانفرنس جي سڏ تي جوهي ۾ جمعيت علماء اسلام ، ايس يو پي ،پ پ شھيد ڀٽو ، جماعت اسلامي ، جي ڊي اي،جسقم،آبادگار ايسوسيئيشن،عوامي تحريڪ،رابطا ڪاميٽي ضلع دادو طرفان ضلع دادو ۾ غير قانوني ٽول پلازا ،بدترين بدامني ۽ لوڊ شيڊنگ خلاف شھيد مخدوم بلاول پارڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪرڻ بعد ٽيڪسي اسٽاپ آڏو جوهي دادو روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن اظھار الحق صديقي ، سڪندر علي سوڍر،نياز حسين پنهور،محمد موسا ٻٻر،حافظ شعبان لغاري،غازي عبدالله، قاري عبدالعزيز جمالي ،خادم حسين چانڊيو، وريام سنڌي ،ڪامريڊ غُلام قادر لغاري، قربان کوکر، ايم هاشم کوسو، سرائي اڪبر ،فقير ساوڻ ٻٻر ،سڪندر علي ڀٽو،گلشير رند ۽ ٻين چيو ته حڪمران ڌر ملڪ اندر ترقي نٿي چاهي چونڊيل نمائندن وٽ ھاڻ عوام نه پر غنڊا پاليل آھن جيڪي هٿ وٺي ڏوھ ڪرائي بدامني ڦهلائي عوام جي نڙي تي لت ڏيون ويٺا آهن، هنن چيو ته ضلع اندر امن امان جي صورتحال ايتري ته خراب ٿي وئي آهي جو جيڪا پوليس جيڪا عوام جي تحفظ لاءِ آهي اهائي محفوظ ناهي ۽ ڦورن هٿان قتل ٿي رهيا آھن، هنن چيو ته جوهي تعلقي ۾ سالن کان پيئڻ جو پاڻي ۽ زرعي پاڻي چونڊيل نمائندن پاڻي چورن وٽ قيد آھي پاڻي نه هئڻ ڪري جوهي بئراج تي قائم لکين ايڪڙ زرعي زمينون ڀڙڀانگ ۽ غير آباد آھن ،جڏهن ته هٿرادو لوڊشيڊنگ سبب شديد گرمي ۾ گهرن اندر ٻارن جا ڪيهاٽ آهن، سڙي ويل ٽرانسفارمر مهينن جا مهينا تبديل نه پيا ڪيا وڃن هنن چيو ته  سڄي ملڪ اندر هٿرادو ٽئڪسن ۾ عوام جو جيئڻ محال ڪري ڇڏيو آھي هاڻ وري هڪ نئون ٽول ٽئڪس مخدوم بلاول اڳيان تعمير ڪري عام ماڻھن جي اچ وڃ واري سهولت به کسي پئي وڃي عوام کي بد امني ۽ ٽئڪسن ۾ نپوڙي ڇڏيو آھي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.