ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي واسين جو بدامني خلاف اسلام آباد ۾ ڌرڻو

اسلام آباد(بيورو+پ ر)جماعت اسلامي جي مرڪزي نائب امير ۽ اڳوڻي پارلياماني ليڊر لياقت بلوچ ضلع ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي لاءِ شھري اتحاد ، سٽيزن ايڪشن ڪميٽي توڙي سول سوسائٽي طرفان لڳل احتجاجي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري ايڪتا جو اظھار ڪيو. سندس چوڻ ھو تہ شھرين جي جان توڙي مال جي حفاظت ۽ امن بحال رکڻ حڪومت جي اولين ذميواري بڻجي ٿي. گذريل سال پ پ جي حڪومت سنڌ ۾ امن امان لاءِ 200ارب خرچ ڪيا پر ان باوجود سنڌ جو عوام امن لاءِ ترسي پيو. 17سالن کان لاڳيتو پ پ جي حڪومت آھي پر ھو امن ڪرائڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آھي ان باوجود سنڌ جي سردارن وڏيرن پيرن جي اڪثريت پ پ سان وابستگي آھي. سنڌ جو عوام  ترقيءَ روزگار صاف پاڻي  تہ پنھنجي ھنڌ رھيو جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پريشان آھن. ڪيترائي ئي ھندو خاندان توڙي مسلمان پنھجا اباڻا گھر ڇڏڻ تي مجبور ٿيا آھن. ائين ڪيئن ٿي سگھي ٿو 50 ڏوھاري سنڌ حڪومت توڙي سڀني قانون لاڳو ڪندڙن کان وڌيڪ طاقتور ھجن. ھاڻي ڪشمور جو عوام ۽ معزز ماڻهو سنڌ سرڪار کان مايوس ٿي ڪري اسلام آباد جو رخ ڪيو آھي. جماعت اسلامي انھن جي درد کي پنھجو درد سمجھي ٿي . جماعت اسلامي ملڪ جي واحد پارٽي آھي جنھن جو مرڪزي امير حافظ نعيم الرحمٰن ڪنڌڪوٽ پھچي بدامنيءَ خلاف ڌرڻي ۾ شرڪت ۽ خطاب ڪيو.ان کان اڳم سراج الحق پڻ ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور ۾ بدامنيءَ خلاف ريلين جلسن ڌرڻن کي خطاب ڪري چڪو آھي. ان موقعي تي شھري اتحاد جو صدر ڊاڪٽر مھر چند، ايس يو پي جو ظريت بجاراڻي، جماعت اسلامي سنڌ جو اڳوڻ حافظ نصرالله چنا ، ضلعي امير غلام مصطفي ميراڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

ڪنڌڪوٽ ضلعو ڌاڙيل راڄ جي خوفناڪ تصوير بڻجي چڪو آهي:ايس يو پي

ڪراچي(پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌو درياھ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪنڌڪوٽ ضلعو ھن وقت بدترين بدامني،لاقانونيت، ڀتا خوري،ڀنگ لاءِ اغوا،ڌاڙيل راڄ ۽ رياستي ناڪامي جي خوفناڪ تصوير بڻجي چڪو آهي،جتي ڪنهن به شهري جي جان،مال ۽ عزت محفوظ ناهي رهي،سموري   ضلعي ۾ ڌاڙيلن حڪومت جي سرپرستي ۾ هڪ مافيا جو روپ اختيار ڪري ورتو آهي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا مڪمل طور تي مفلوج ٿي ويا آهن،هن چيو ته گذريل ٽن سالن کان ڪنڌڪوٽ ضلعي جا ماڻھو مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ رياستي ادارن کي مدد جي اپيل ڪري رهيا آهن، هاڻي انصاف لاءِ اسلام آباد پهچي چڪا آهن ۽ انصاف، امن ۽ امان جي حاصلات لاءِ  احتجاج ڪري رهيا آهن ،هن وفاقي حڪومت، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ چيف جسٽس کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته ڪنڌڪوٽ ضلعي جي صورتحال جو فوري طور تي پاڻمرادو نوٽيس وٺن،اتي قانون ۽ آئين جي حڪمراني قائم ڪن،اغوا ٿيل ماڻهن جي بازيابي کي يقيني بڻائين،متاثر خاندانن کي انصاف فراهم ڪن ۽ ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻين.

سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي:عبدالقيوم هاليجوي

ڊگھڙي (رپورٽ: فقير عبدالقيوم جروار)ايران اسرائيل جنگ ۾ اسان ايران جا حامي آهيون ڇو ته ايران ئي اسلامي ملڪ آهي جنهن غزه جي مظلوم ٻارن جو خون وهائيندڙ اسرائيل کي پنهنجو دفاع ڪندي ڀرپورجواب ڏئي رهيو آهي،اهڙن خيالن جو اظھار جمعيت علماء اسلام سنڌ جي نائب امير مولانا عبدالقيوم هاليجوي ڊگھڙي ۾ تنظيمي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته تازو پيش ڪيل بجيٽ ۾ وفاق توڙي سنڌ ۾ عوام کي ڪوبه رليف ناهي ڏنو ويو، سنڌ ۾ امن امان جو حالتون انتهائي خراب ٿي چڪيون آهن،امن هرهڪ فرد جي ضرورت آهي،حڪومت امن طرف ڪوبه ڌيان ناهي ڏنو،هن چيو ته  اسان چاهيون ٿا ته سنڌ ۾ امن هجي اميد آهي ته امن جرڳي کانپوءِ حڪومت پنهنجو اکيون کوليندي، ان موقعي تي صوبائي بزنس فورم جو صدر محمد رفيق سومرو،سرپرست ضلع ميرپورخاص حاجي عبدالسلام بٽر،جنرل سيڪريٽري مفتي عادل لطيف بٽر،نائب امير مولانا محمدي ابراهيم مهر،رضوان الحق جالنڌري،قاري عبدالطيف بلوچ سميت ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو۔

ڪشمور مان اغوا ٿيل صحبت نائچ ۽ احد ڇڄڻ بازياب نه ٿي سگهيا

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ٻارن لاءِ ڌرتي تنگ ٿي وئي آهي، جتي رڳو ٻن مهينن اندر ٻه معصوم ٻاراغوا ٿي ويا آهن. ستين ڪلاس جو شاگرد صحبت نائچ ويجهو ڳوٺ دين محمد نائچ مان، جڏهن ته اٺ کان نَو سالن جو معذور احد ڇڄڻ ڪشمور شهر مان اغوا ڪيو ويو آهي. ڪيمپ هڻي احتجاج ڪندڙن ولاگر، صحافي سلطان رند کي ٻڌايو ته هٿياربند رات جي وقت گهرن ۾ گهڙي، عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪندي ٻارن کي زبردستي کڻي ويا، جڏهن ته پوليس مسلسل بي حسيءَ جو مظاهرو ڪري رهي آهي. صحبت نائچ جي ڀاءُ محمد علي جو چوڻ آهي ته 25 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ڪو به قدم ناهي کنيو. مقامي ڳوٺاڻي فاروق مطابق، ڏوهارين کي بااثر سردارن ۽ جاگيردارن جي مڪمل سرپرستي حاصل آهي، جنهن ڪري پوليس سندن خلاف ڪا به ڪارروائي نٿي ڪري. ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ اغوا، ڀنگ ۽ اجتماعي ظلم جا ڪيترائي واقعا اڳ به پيش اچي چڪا آهن، جن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿيون آهن. علائقي واسين ۽ ٻارن جي والدين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته قانونن ۾ فوري تبديلي آڻي، ڏوهارين ۽ سندن سهولتڪارن خلاف سخت آپريشن ڪيو وڃي. هنن جو چوڻ هو ته سنڌ جي حڪمرانن جي بي حسي سبب ڌاڙيل بي خوف ٿي ويا آهن ۽ عوام پاڻ کي مڪمل غير محفوظ سمجهي ٿو. معصوم ٻارن جي بازيابي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.