ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار 42 هزار رپيا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تڪرار ۽ عالمي سطح تي ڇڪتاڻ جي پس منظر ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته پهلگام واقعي کان 10 مئي تائين چيئرمين بلاول ڀٽو حقيقي حڪمران وانگر ڪم ڪيو، هن آمريڪا ۽ يورپ ۾ پاڪستان جو موقف وڏي مهارت سان پيش ڪيو ۽ اسرائيلي ۽ ڀارتي لابي کي شڪست ڏني. سنڌ جي وڏي وزير اجلاس دوران اپوزيشن جي رويي کي غير جمهوري قرار ڏيندي چيو ته احتجاج ڪرڻ آئينی حق آهي پر بدتميزيءَ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي۔ اسپيڪر جي ڳالهه نه مڃڻ پارلياماني اصولن جي ڀڃڪڙي آهي۔ هن چيو ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن جي 100 سيڪڙو ميمبرن کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويو. وڏي وزير چيو ته سنڌ جو ترقياتي بجيٽ مجموعي بجيٽ جو 30 سيڪڙو آهي، جڏهن ته پنجاب جو ترقياتي بجيٽ 23 سيڪڙو ۽ خيبرپختونخوا جو 25.3 سيڪڙو آهي. هن ٻڌايو ته وفاق شروعات ۾ 1.9 ٽريلين رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر نظرثاني بعد ان کي گهٽائي 1.796 ٽريلين ڪيو ويو۔ سنڌ طرفان وفاق کان 237 ارب رپين جي رهتن جي ادائيگيءَ جو مطالبو ڪيو ويو آهي۔ مراد علي شاهه زرعي آمدني ٽيڪس بابت ٻڌائيندي چيو ته ايندڙ سال لاءِ اسان 8 ارب رپيا زرعي ٽيڪس جو هدف مقرر ڪيو آهي، جيڪو في ايڪڙ 1052 رپيا ٺهي ٿو، جڏهن ته پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ هي شرح اسان کان گهٽ آهي.سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 کان 12 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 8 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، يونيورسٽين جي امداد وڌائي وئي آهي ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي امداد ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي. مراد علي شاهه ٻڌايو ته لاڙڪاڻو ۾ نئون ايس آءِ يو ٽي قائم ڪيو پيو وڃي، نيون ايمبولينسون خريد ڪيون پيون وڃن. اسان پروفيشنل ٽيڪس ۽ انٽرٽينمينٽ ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيو آهي، ۽ وڏين گاڏين تي ٽيڪس ۾ به رعايت ڏني وئي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 42 هزار رپيا ڪري رهيا آهيون. مراد علي شاهه چيو ته هن وقت سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت 37000 رپيا آهي، جڏهن ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ان کي 40 هزار رپيا ڪرڻ جون تجويزون ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته اسان گهٽ ۾ گهٽ اجرت 42 هزار رپيا مقرر ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ جي ترقياتي بجيٽ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، سنڌ جي ترقياتي بجيٽ ڪُل بجيٽ جو تقريبن 30 سيڪڙو آهي، جڏهن ته پنجاب جي 23 سيڪڙو ۽ خيبر پختونخواهه جي 25.3 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. مراد علي شاهه تسليم ڪيو ته بلوچستان جي ترقياتي بجيٽ سنڌ کان وڌيڪ آهي پر اها به پ پ جي حڪومت جو حصو آهي.