آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلانيل دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي فوج ايران جي ٽن ايٽمي سائيٽس فوردو، نطنز ۽ اصفهان تي ”ڪامياب“ حملو ڪري ۽ انهن کي صفحه ھستي تان مٽائي ڇڏو آھي. آمريڪي ميڊيا جي ذريعن جنھن ۾ فاڪس نيوز بھ شامل آهي، جي مطابق حملي ۾ ڇهه عدد GBU-57 ميسيو آرڊيننس پينيٽريٽر (MOP) بنڪر بسٽر بم ، فوردو جي گھرائي ۾ دفن ٿيل سائيٽ تي ڪيرايا، جڏهن ته نطنز ۽ اصفهان کي ٽوماهاڪ ڪروز ميزائلن سان نشانو بڻايو ويو.اهي ڪارروايون بين الاقوامي قانونن ۽ اصولن، خاص ڪري جوھري عدم ڦھلاءُ واري معاھدي ( اين پي ٽي) ۽ بين الاقوامي ايٽمي توانائي ايجنسي (IAEA) جي نگراني هيٺ ايٽمي حفاظتي قدمن جي سرعام ۽ بي مثال لتاڙ آهي.
ايران جو موقف : اسلامي جمهوريه ايران پنهنجي ايٽمي توانائي ايجنسي ذريعي انهن حملن جي سخت مذمت ڪئي، ان کي ”بربريت جو عمل “ قرار ڏنو ۽ پنھنجي بيان ۾ چيو تھ اھو عمل عالمي قانوني فريم ورڪ ۽ اين پي ٽي جي چٽي خلاف ورزي قرار ڏنو، جنهن تي ايران دستخط ڪيا آهن.ايران جي جوھري ايجنسي آءِ اي اِي اي جي متضاد موقف جي نشاندهي ڪئي، جيڪا انهن قانوني طور تي نگراني ۾ رکيل انھن ايٽمي سائيٽن جي دفاع ڪرڻ جي بدران غير ذميوار يا خاموش حمايت جو مظاھرو ڪري رھي ھئي. ايران آمريڪي ڪاررواين جي قانوني حيثيت کي مڪمل رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته ان جو ايٽمي پروگرام پرامن آهي ۽ بين الاقوامي معاهدن جي تحت محفوظ آهي.
انهن ايٽمي سائيٽن تي حملو ڪري، آمريڪا هڪ خطرناڪ حد پار ڪئي آهي، سفارتي طريقيڪار کي نظرانداز ڪيو آھي ۽ قومي سلامتي جي بهاني هڪ خودمختيار ملڪ جي خودمختياري جي خلاف ورزي ڪئي آهي. هي جارحيت ڏهاڪن تي ٻڌل ايٽمي عدم پکيڙ جي ڪوششن کي نقصان پھچائي سگھي ٿي.علائقي ۾ هٿيارن جي ڊوڙ جي عمل کي تيز ڪري سگهي ٿي ۽ اڳ ئي غير مستحڪم وچ اوڀر جي خطي کي وڌيڪ غير مستحڪم ڪري سگهي ٿي.
مشڪوڪ اسٽريٽجڪ ھدف: فوجي ٽيڪنيڪل نقطه نظر سان ڏٺو وڃي تھ ان حملي سان ڇا حاصل ٿيو ۽ ان بابت ڪاميابي جي دعوائون انتهائي مشڪوڪ آهن. فوردو سائيٽ اٽڪل 90 ميٽر زمين اندر هڪ جبل جي هيٺ ٺهيل آهي، جيڪا خاص طور تي شديد بمباري جي مقابلي ڪرڻ لاءِ ڊزائين ڪئي وئي آھي. ايستائين جو جديد ترين بي-2 اسٽيلٿ بمبار، جيڪو. ايم او پي (ميسيو آرڊيننس پينيٽريٽر) بم کڻي وڃڻ جي قابل آهن، اهڙن طاقتور زير زمين هٿيارن جي مڪمل تباهي جي ضمانت نٿا ڏئي سگهن.ان کان علاوه جيئن ته اهو وڏي پيماني تي مشهور هو ته فوردو هڪ امڪاني هدف آھي ،ان ڪري بنيادي اسٽريٽجڪ سوال پيدا ٿئي ٿو: ايران پنهنجو ”نان ويپن گريڊ“ افزوده يورينيم کي اهڙي کليل ھنڌ تي ڇو رکندو؟ اهو ممڪن آهي ته حساس مواد اڳ ۾ ئي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويو هجي، جنھن سان اصل نقصان گهٽ کان گهٽ ٿئي.
تاريخي پس منظر پڻ ان دعويٰ کي ڪمزور ڪري ٿو ته هي هڪ اسٽريٽجڪ ڪاميابي هئي.بي ٰ بمبار، ٽيڪنالوجي جي برتري باوجود آڪٽوبر 2024 کان يمن ۾ حوثي باغين خلاف ڊگهي هوائي مهم ۾ تعين آهي، جنهن ۾ زير زمين هٿيارن جي ذخيرن تي ڪيترائي حملا شامل آهن. بهرحال، اهي آپريشن حوثي باغين جي رويي يا صلاحيتن کي تبديل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن، جڏهن ته حوثين اسرائيل تي راڪيٽ حملا جاري رکيا آهن. بهرحال، آمريڪا ان وقفي دوران ان خطي مان پنهنجا ايئر ڪيريئرز ڪڍي ورتا. جنهن کي اسٽريٽجڪ لحاظ سان پوئتي هٽڻ چئي سگهجي ٿو.
حڪمت عملي جا تفصيل ۽ نتيجا: تازو ئي الميادين ۽ ٻين ذريعن جي رپورٽن موجب، آمريڪي حملا گهڻو ڪري فردو جي سڄي مرڪز بجاءِ رڳو داخلا ۽ خارجي سرنگن کي نشانو بڻائي سگھيا.جنھن سان ٿيندڙ نقصان جي گھرائي بابت شڪ پيدا ٿئي ٿو. جيڪڏهن بنيادي انفراسٽرڪچر سالم رھي ٿو تھ سائيٽ جي عملي صلاحيت عارضي طور تي متاثر ٿي سگهي ٿي.ان جي ابتڙ فردو ۾ وڏي تعداد ۾ سينٽري فيوجز لڳل آهن جيڪي يورينيم جي افزودگي لاءِ اهم آهن،جنھن سان اھو ھڪ وڌيڪ حڪمت عملي جي لحاظ سان قيمتي هدف بڻجي ٿو. نطنز تي حملو وڌيڪ نقصان رسائڻ وارو ٿي سگھي ٿو. پر ايران پنهنجي وڏي ڦڙتي ۽ تيزي سان بحالي جي صلاحيت ڏيکاري آهي، جنهن ۾ نئين ڳجهي افزودگي سهولت جي شروعات بھ شامل آهي. خاص طور تي، ايران جي افزوده يورينيم جي ذخيري کي ممڪن طور تي ٻين نامعلوم محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو هوندو، جنهن سان انهن حملن سبب ڊگهي مدت جو نقصان گهٽجي ويو آهي.
هڪ ٻيو اهم نقطو ھي آهي ته هن وقت تائين نه ته ايراني اختيارين ۽ نه ئي IAEA ٽنهي نشانو بڻايل هنڌن تي ڪنهن به تابڪاري جي اخراج يا ايٽمي آلودگي جو اطلاع ڏنو آھي. ان ايٽمي خطري جي غير موجودگي مان ظاهر ٿئي ٿو ته حملن سان فزيڪل نقصان محدود هو ۽ بنيادي ايٽمي مواد يا سسٽم متاثر ناھي ٿيو.
ايران جو ايٽمي پروگرام: سست رفتارآھي پر رڪجي نھ ويو آھي،بدترين حالتن ۾ به، انهن هنڌن جي تباهي سان ايران جي يورينيم جي افزودگي ۽ ايٽمي هٿيارن جي اڳڀرائي جو عمل سست روي جو شڪار ٿي سگھي ٿو، پر ان کي مڪمل طور تي نھ ُرڪبو. ايران جي افزوده يورينيم جو موجوده ذخيرو هٿيارن ٺاھڻ لاءِ ڪافي آهي. ان کان علاوه، ايران وٽ سينٽريفيوج ٺاهڻ جي گھڻي ميچوئر صلاحيت ۽ وسيلا آهن جن جي بدولت اھو نقصان پھتل انفراسٽرڪچر کي ڪجهه مهينن ۾ ٻيھر تعمير ڪري سگھي ٿو.
ايران جي ٽئين، ڳجهي افزودگي جي سائيٽ جو اعلان آمريڪي ڪوششن کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ٿو. ان جي جڳهه اڃان تائين نامعلوم رهي آھي. جيڪا ايران جي ايٽمي پروگرام ۾ اسٽريٽجڪ گھرائي ۽ استحڪام جو اظھار آھي.
جيو پوليٽيڪل ۽ سفارتي اثر: گڏيل قومن جي واضح منطوري يا عالمي اتحادين جي مشوري بنا، صدر ٽرمپ جي هڪ طرفي فوجي ڪارروائي عالمي سفارتي نظام کي وڏو نقصان پھتو آھي.اھو انتقامي ردعمل کي ھوا ڏيڻ برابر آھي.اڳي ئي نازڪ خطي ۾ فوجي ٽڪراءَ کي وڌائڻ ۽ ھٿيارن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي عالمي نظامن تي اعتماد کي ڪمزور ڪندو.وڌيڪ اھو تھ حملي جو وقت ۽ نوعيت سياسي مقصد جي حامل لڳي ٿي. جيڪا واضح اسٽريٽجڪ فائدن حاصل ڪرڻ جي بدران اندروني سياسي پوزيشن جي لاءِ ڪئي وئي آھي. يمن ۾ آمريڪي فوجي آپريشن جي ناڪامي سان ھڪجھڙائي ان ڳالھھ کي ظاهر ڪري ٿي ته آمريڪي حڪمت عملي سياسي حل کان سواءِ فوجي طاقت تي حد کان وڌيڪ ڀاڙي ٿي.
صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ايران جي ايٽمي سائيٽن تي ڪامياب حملي جو اعلان هڪ انتهائي غير ذميوارڻو ۽ بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي آهي ۽ هڪ خودمختيار رياست جي خلاف جارحيت جو هڪ چٽو مثال آهي، جنهن ۾ اسٽريٽجڪ حوالي سان حد کان وڌاءُ ۽ آپريشنل پيچيدگيون شامل آهن. تابڪاري جي رليز ٿيڻ بابت ڪنھن اطلاع نھ اچڻ يا ملڻ ۽ هدفن جي اڳ ۾ ڄاڻ ھجڻ جي ڪري، بنيادي سوال ھي آهي: ان طاقتور مظاهري کانسواءِ حقيقت ۾ ٽرمپ ڇا حاصل ڪيو ؟ انھن حملن جو ايران جي ايٽمي ارادن تي حقيقي اثر محدود نظر اچي رھيو آھي، جيڪو ڪنھن فيصلائتي ڌڪ لڳڻ بدران ھڪ علامتي آتش بازي جي نمائش جي طور تي لڳي ٿو.جيئن ثبوت وڌي رهيا آهن ته آمريڪي بمباري پنھنجي دعوائن جي مطابق نتيجا حاصل نه ڪري سگھي آھي ان پس منظر ۾ هڪ اهم سوال ھي پيدا ٿئي ٿو: ايران ڪيئن ۽ ڪھڙو ردعمل ڏيندو ؟
هاڻي تائين، تهران جو ردعمل محتاط آھي. چاھي اهو علائقي ۾ آمريڪي اتحادين جي اڏن کي نشانو بڻائڻ جي حملي وارو هجي يا ڪنھن حڪمت عملي جي تحت معاملي کي وڌائڻ کان بچڻ وارو معاملو ھجي. هڪ سنجيده ۽ حساب ڪتاب واري طريقي کي ظاهر ڪري ٿو. جيڪو آمريڪي جارحيت جي جواب ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي حملن کان وڌيڪ اثرائتو آهي، جيڪو هڪ تمام سٺي حڪمت عملي ٿي سگهي ٿو.
ايران کي شڪست نه ملي آهي، اهو اين پي ٽي تحت يورينيم جي افزودگي جي قانوني رستي تي ثابت قدم آهي، پنهنجي هٿيارن نھ ٺاھڻ واري پاليسي جاري رکندي ۽ پنهنجي خودمختيار حقن جو دفاع ڪري رھيو آھي. هي ايران جي اخلاقي فتح آهي، جڏهن ته آمريڪي صدر جو چهرو وڌيڪ داغدار ٿي ويو آهي.
اهو ڏسڻو باقي آهي ته ڇا ايران آمريڪا سان ڳالهيون ڪندو، هٿيار ٺاهڻ جي ڪوششن کي تيز ڪندو، يا پنهنجي موجوده پاليسي کي جاري رکندو.ان جو اصل جواب ايندڙ ڏينهن ۽ مهينن ۾ ان جي عملن مان ظاهر ٿيندو.ڊونلڊ ٽرمپ جو قدم علائقي جي استحڪام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آھي ، ھٿيارن جي عدم پکيڙ واري نظام کي ڪمزور ڪري رھيو آھي ۽ دنيا کي هڪ وسيع تڪرار ۾ ڌڪڻ جو خطرو پيدا ڪري رھيو آهي. ڪيترائي ذميوار تجزيه نگار ھن حملي لاءِ ٽرمپ کي جنگي ڏوهي قرار ڏئي رهيا آهن.
هاڻي ڏسون ته هن تي نورمبرگ ٽربيونل ۾ ڪيس هلايو وڃي ٿو يا کيس نوبل امن انعام ملي ٿو. عالمي برادري گھرجي تھ اهڙين هڪ طرفي فوجي مداخلتن جو تنقيدي جائزو وٺي. سفارتي طريقن کي ترجيح ڏئي، قانوني تڪرارن جي حل لاءِ عزم جي تجديد ڪري ۽ دنيا جي ٻارن کي مارڻ واري رياست جي لامحدود ارادن کان محفوظ بڻائي.