ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي مختلف بار ڪائونسلن جي اعزاز ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ هڪ شاندار تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ قانون ۽ گھرو کاتي واري وزير ضياءُ الحسن لنجار پاران مختلف بار ڪائونسلن ۽ ايسوسيئيشنز کي امدادي رقم تي ٻڌل چيڪ ورهايا ويا. ان موقعي تي سيڪريٽري قانون سنڌ علي احمد بلوچ ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا،ضيا لنجار خطاب ۾ چيو ته وڪيل برادري جي فلاحي ڪمن تي ڪا به سوديبازي قبول نه ڪئي ويندي، ۽ سنڌ حڪومت هن سلسلي ۾ سنجيده قدم کڻي رهي آهي. هن وڪيلن کي مخاطب ڪندي چيو ته صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ بابت جلد کان جلد قابل عمل ۽ جامع سفارشون تي ٻڌل مسودو تيار ڪري، حڪومت سنڌ ڏانهن موڪليو وڃي، جيئن ان جي منظوري ۽ توثيق کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته حڪومت سنڌ به وڪيل برادري جي فلاح لاءِ سنجيده آهي، پر ان لاءِ جامع حڪمت عملي ضروري آهي. هن چيو ته سنڌ پوليس لاءِ ڪانسٽيبل کان آفيسر رينڪ تائين صحت جي مد ۾ ٻن ملين روپين جو بجيٽ رکيو ويو آهي، ۽ منهنجي خواهش آهي ته پوليس جيان وڪيلن لاءِ به اهڙا صحت ڪارڊ جاري ڪيا وڃن، ته جيئن هو به بيماري جي فڪر کان آزاد ٿي پنهنجون پيشورانه سرگرميون جاري رکي سگهن.