ڪراچي کي واپاري راڄڌاني قرار ڏنو وڃي: خواجا اظهار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن وفاقي بجيٽ تي ڳالهائيندي  چيو ته ڪراچي، 350 ارب روپين جو  ٽيڪس ڏئي ٿو، اتي تعليم، صحت ۽ ترقياتي منصوبا موجود نه آهن، هن ڪراچي کي پاڪستان جو واپاري دارالحڪومت قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ٻه گاديءَ جا مقام هوندا آهن، هن ايف بي آر کي ڏنل لامحدود اختيارن تي شديد تحفظات جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته انهن آفيسرن جو ڪو به احتساب نه ڪيو وڃي ٿو، ايف بي آر جي اختيارن تي نظرثاني ڪئي وڃي، ڇو ته ڊپ واري فضا ۾ سيڙپڪاري ممڪن ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.