اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ موت جي سزا يافته مڪلي جي ٻن جوابدارن غلام رباني سومرو ۽ وقف نبي سومرو کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان جوابدارن جي وڪيل غلام سجاد گوپانگ ڪيس کٽڻ بعد سپريم ڪورٽ ٻاهران پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته هي موت جي سزا بابت سنڌ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو ڪيس هو، هن ڪيس کي هڪ سئو کان وڌيڪ وڪيلن وڙهيو وڪيل ٿڪجي پيا پر ڪنهن کان مسئلو حل نه ٿيو، ان بعد ڪو به وڪيل هي ڪيس وٺڻ لاءِ تيار نه هو، الله جي ڪرم سان اڄ ڪاميابي ٿي، سپريم ڪورٽ ۾ 40 منٽن تائين منهنجا دليل هليا، ڀرپور جدوجهد ۽ دليلن بعد عدالت منهنجي گذارش مڃي ورتي ۽ جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو، هن ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ ۽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدارن کي موت جي سزا ٻڌائي هئي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ان سزا کي برقرار رکيو هو، جنهن بعد سزا کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو، هن چيو ته اڄ عدالت ٻنهي جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو، هي خطرناڪ ڪيس هو، ڇاڪاڻ ته جوابدار فوري طور تي گرفتار ٿيا هئا، جوابدارن تي مڪلي ٺٽي ۾ ڪيس داخل ٿيل آهي.