نيتن ياهو ظلمن ۾ هٽلر کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي:ترڪ صدر

انڪارا(م ڊ)ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان پارليامينٽ ۾ پنهنجي جماعت جي ميمبرن سان خطاب ڪندي چيو آهي ته ايران کي پنهنجي دفاع جو قانوني، جائز ۽ فطري حق حاصل آهي. نيتن ياهو پنهنجي ظلمن ۾ اڳ ئي هٽلر کي به پٺ تي ڇڏي  چڪو آهي، ۽ ڳالهين جي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ايران تي اسرائيلي حملو کلي عام دهشتگردي آهي، صدر اردگان اسرائيلي وزيراعظم تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته ”نيتن ياهو پنهنجي ظلمن سان هٽلر کان به اڳتي نڪري ويو آهي.“ هن اسرائيل کي رياستي دهشتگردي جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ته ايران جي مزاحمت اصل ۾ پنهنجي ملڪ جي تحفظ جو حق ادا ڪرڻ آهي، اردگان وڌيڪ چيو ته ”ايران، جيڪو جوهري ڳالهين ۾ مصروف هو، اسرائيلي جارحيت جو نشانو بڻيو، جيڪو بين الاقوامي قانونن جي سڌي خلاف ورزي آهي. اسرائيل پاڻ وٽ جوهري هٿيار رکي ٿو ۽ عالمي اصولن جي ڪا به پرواهه نٿو ڪري، اهڙي صورتحال ۾ ڳالهين جي پڄاڻي کان اڳ ايران تي حملو مڪمل طور ناقابلِ قبول دهشتگردي آهي.

  • غزا ۾اسرائيلي فوج جي فائرنگ، 30 فلسطيني شهيد

غزا(م ڊ) غزا جي سول ڊيفنس جي ترجمان موجب مرڪزي غزا ۾ کاڌي لاءِ قطار ۾ بيٺل فلسطينين تي اسرائيلي فوج فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 11 فلسطيني شهيد ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، ترجمان ٻڌايو ته غزا ۾ گهرن ۽ بي گهر فلسطينين جي خيمن تي به حملا ڪيا ويا، جن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 19 فلسطيني شهيد ٿيا، عرب ميڊيا جي رپورٽن مطابق، گذريل ڏينهن اسرائيلي فوج غزا ۾ امداد جي انتظار ۾ بيٺل 70 فلسطينين کي شهيد ۽ سڪن جي تعداد کي زخمي ڪيو. فقط گذريل ڏينهن جي اسرائيلي حملا ۾ 89 فلسطيني شهيد ٿيا.

  • آمريڪي شهرين پاران ايران جنگ ۾ مداخلت جي مخالفت

نيويارڪ (م ڊ) آمريڪي عوام صدر ٽرمپ جي جنگ سٽيل ملڪ سنڀالڻ بابت پاليسيءَ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي آمريڪا جي اهڙي جنگ ۾ شرڪت جي مخالفت ڪئي آهي، رڳو 16 سيڪڙو  آمريڪين جو چوڻ آهي ته آمريڪا کي عسڪري مداخلت ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته هڪ مضبوط اڪثريت 60 سيڪڙو ان جي مخالفت ڪري ٿي، ٽائيمز آف اسرائيل جي رپورٽ مطابق، 13 کان 16 جون جي وچ ۾ ٿيل ”ايڪانومسٽ / يوگوو“ سروي ۾ جڏهن آمريڪي شهرين کان پڇيو ويو ته ڇا اهي ٽرمپ جي ايران ۽ اسرائيل سان لاڳاپيل رويي جي حمايت ڪن ٿا يا مخالفت؟ جنهن جي جواب ۾ 37 سيڪڙو آمريڪين ايران ۽ اسرائيل ٻنهي معاملن ۾ ٽرمپ جي حمايت ڪئي، جڏهن ته 44 سيڪڙو آمريڪين اسرائيل بابت ٽرمپ جي رويي جي مخالفت ڪئي ۽ 41 سيڪڙو ايران بابت ٽرمپ جي رويي کي رد ڪيو، ايران بابت ٽرمپ جي خالص منظوري جي شرح صرف 4 آهي، جڏهن ته اسرائيل بابت اها شرح 7 آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.