ڪارپوريٽ فارمنگ سيڙپ ڪاري نه پر تباهي آڻيندي: ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) انساني حقن جي اڳواڻن، وڪيلن، آبادگارن ۽ ساڃاهه وند ڌرين، ايس آءِ ايف سي کي آئين کان مٿانهون ۽ ون يونٽ جي جديد شڪل قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو ايس آءِ آيف سي  جي ايجاد آهي، رياست جي مدد ۽ سهولتڪاري سان ڪارپوريٽ فارمنگ سيڙپڪاري نه پر تباهي آڻيندي، ڪالهه انساني حقن جي تنظيم هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان(ايڇ آر سي پي) پاران ”ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ قدرتي وسيلن تي مقامي ماڻهن جا حق“ جي عنوان هيٺ حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ ساڃاهه وندن سان ويهڪ منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي ايڇ آر سي پي سنڌ جي وائيس چيئرپرسن قاضي خضر ڳالهائيندي چيو ته هن رياست کي اهو سمجهڻ گهرجي ته پاڪستان جي وجود اچڻ کان هزارين سال اڳ سنڌ وجود رکندڙ هئي سنڌ سان رويو دشمنن وارو آهي، سنڌ سان اها وڏي ناانصافي ۽ ظلم آهي ته سنڌ جي زمين، پاڻي ۽ وسيلا سڀ وفاق جا قرار ڏنا وڃن ٿا، پر پنجاب جو 100 سيڪڙو مٺو جر جو پاڻي صرف پنجاب جو ئي رهڻو آهي. سافڪو جي سربراهه سليمان جي ابڙو چيو ته هن ملڪ کي هلائڻ جي لاءِ اجتماعي فيصلا ضروري آهن، پاڪستان ۾ پارلياماني نظام آهي ۽ بنيادي فيصلا پارليامينٽ کي ڪرڻ گهرجن، پر پارليامينٽ ڪمزور هجڻ ڪري فيصلا ٻئي هنڌ پيا ٿين، ڪمزور جمهوريتون فيصلا مڃرائي نه سگهنديون آهن، حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ۽ آل سنڌ لائيرز ايڪشن ڪميٽي جي سيڪريٽري اسرار چانگ چيو ته سنڌ جي پاڻي تي پنجاب پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ڌاڙو هڻندو پيو اچي، جڏهن هاڻ انڊيا پاڻي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ٿو ڏئي ته پاڪستان جا حڪمران وري اهو ساڳيو سنڌ وارو موقف اختيار ڪن ٿا ته پاڻي تي پوڇڙ وارن جو پهريون حق آهي، پر جڏهن پاڪستان جي اندر سنڌ اها ڳالهه ڪري ٿي ته پنجاب کي اعتراض آهي ۽ سنڌ کي پنهنجو پاڻي ڏيڻ جي لاءِ تيار ناهن، نامياري وڪيل سجاد احمد چانڊيو چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو 47ع کان شروع ڪيل ڦرلٽ جو تسلسل آهي،  اهو ممڪن ئي ناهي ته هي ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي ۾ ڪامياب ٿي سگهن، اسان کي ڪارپوريٽ فارمنگ ڪنهن به شڪل ۾ قبول ناهي، نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ڪنهن به صورت ۾ عوام دوست منصوبو ناهي، هي قبضاگيري واري تسلسل جي نئين شڪل آهي، زرعي تحقيقدان پروفيسر اسماعيل ڪنڀر ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي بابت پريزنٽيشن ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ جون ڍنڍون ۽ ڍورا درياهه ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري ختم ٿي ويا آهن، جنهن جي ڪري سنڌ جي ماحوليات تي انتهائي هاڃيڪار اثر پيا آهن، گرمي پد ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌي ويو آهي، پروگرام آرگنائيزر امداد چانڊيو چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ به انساني حقن جي لتاڙ ڪندڙ منصوبو تصور ڪيو وڃي ٿو، سنڌ پنهنجي حصي جي پاڻي، زمين ۽ وسيلن تي مالڪي بابت چٽو موقف رکي ٿي، سنڌ آبادگار بورڊ جي سينيئر نائب صدر نديم شاهه چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي بابت عوام، آبادگارن ۽ هارين کي ڪجهه ٻڌايو ئي نٿو وڃي، اها به خبر ناهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ واريون زمينون ڪير آباد ڪندو، هاري جو ڇا ٿيندو، مقامي هارين کي هارپو ملندو يا نه ملندو؟. ايوان زراعت جي اڳواڻ نبي بخش سٺيو چيو ته هتي هارين جي نڙي تي لت رکي ٻاهرين ملڪن جي ڪمپنين کي گهرائي چئي رهيا آهن ته اچو ۽ زمينون کڻو، اهو هن ملڪ جو وڏو الميو آهي، وڏيري نازو ڌاريجو چيو ته پاڪستان ۾ روز تجربا پيا ٿين، پوليس ذريعي ماڻهن تي ڪيس ڪري ڊيڄاري زمينون ورتيون پيون وڃن، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي اڳواڻ ۽ سينيئر صحافي اقبال ملاح چيو ته جديد قسم جي ڪالونائيزيشن ٿيڻ پئي وڃي، ڌرتي ڌڻين جي پيرن هيٺان زمين کسڪائي ويندي، وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ حسين مسرت چيو ته سنڌ جي ترقي رياست جي ايجنڊا تي ناهي، ان ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ جهڙا منصوبا اچن ٿا، روماسا جامي چانڊيو چيو ته پاڪستان جي رياست انگريز دور جي ماڊل تي عمل ڪندي ڌرتي ڌڻين کان زمين، وسيلا ۽ پاڻي ڦرڻ چاهي ٿي، حيدرآباد روشن خيال فورم جي اڳواڻ ڊاڪٽر حميد سومرو چيو ته سنڌ سان 1843ع کان ويڌن آهي، ايس آءِ ايف سي ون يونٽ جي نئين شڪل آهي، جنهن جو مطلب اهو ئي ٿيو ته ملڪ ۾ آئين معطل آهي، عورت اڳواڻ نذير قريشي چيو ته سنڌ جي زمينن تي قبضي خلاف سڄي سنڌ جا ماڻهو منظم انداز ۾ جدوجهد ڪن، رحيم بخش جعفري چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جهڙا منصوبا بيچيني پکڙيندا، آبادگار اڳواڻ آغا محمد عنصر چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ بچيل زراعت کي تباهه ڪرڻ جي لاءِ آهي، سيڊا جي نمائندي حزب الله مڱريو چيو ته وفاق پنهنجي مرضي ۽ سنڌ جي مشوري بنا جيڪي به منصوبا شروع ڪندو آهي، ان سان سنڌ کي نقصان ٿيندو آهي، ان موقعي تي ارم ٿيٻو، سهيل احمد قريشي ۽ ٻين ڳالهايو، جڏهن ويهڪ ۾ ايڇ آر سي پي جي ريجنل ڪوآرڊينيٽر غفرانه آرائين، ايڇ آر سي پي جو ڪائونسل ميمبر ڊاڪٽر خوشحالداس ڪالاڻي، پشپا ڪماري، سليم جروار ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.