آمريڪا اسرائيل ۽ ايران جي جنگ کان پاسو ڪري:برني سينڊرز

واشنگٽن( م ڊ)آمريڪي سينيٽر برني سينڊرز ايران تي اسرائيل جي حملي کي غيرقانوني قرار ڏيندي چيو آهي ته هي هڪ وڏي ۽ خطرناڪ غلطي آهي، نيتن ياھو جي هن حملَي دنيا کي وڌيڪ غيرمحفوظ بڻائي ڇڏيو ، ڊونلڊ ٽرمپ کي فوري طور سفارتي حل ڏانهن وڃڻ گھرجي، سينيٽر برني سينڊرز پنهنجي بيان ۾جيڪو هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيو، هن چيو ته آمريڪا کي نيتن ياھو جي هن جنگ جو حصو نه ٿيڻ گھرجي، بس هاڻ ڪافي ٿيو،آمريڪا کي ايران خلاف جنگ ۾ شامل نه ٿيڻ گھرجي، هي هڪ وڏي غلطي ثابت ٿيندي، ڊونلڊ ٽرمپ کي عالمي برادري سان ملي ڪري جنگ روڪڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گھرجي ۽ فوري طور سفارتي حل طرف وڃڻ گھرجي، هن وڌيڪ چيو ته نيتن ياھو جو هي غيرقانوني حملو دنيا لاءِ امن بدران وڌيڪ خطرو بڻجي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.