پيڪا تي صحافتي تنظيمن سان مشاورت لاءِ تيار آهيون: عطاتارڙ

اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ  چيو آهي ته پيڪا قانون بابت صحافين ۽ وزارت جي وچ ۾ موجود غلط فهميون ختم ڪيون وينديون، اسين صحافتي تنظيمون سان مشاورت لاءِ تيار آهيون ۽ پيڪا رولز بابت ڏنل تجويزن جي ڀليڪار ڪنداسين، ڪالهه وفاقي وزير عطاالله تارڙ سان ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (CPNE) جي وفد ملاقات ڪئي، وفاقي وزير وفد کي آگاهي ڏني ته پيڪا قانون مستند صحافين کي تحفظ فراهم ڪري ٿو ۽ هن ايڪٽ جو اصل مقصد صحافت جي نالي ۾ لڪل نام نهاد ۽ جعلي صحافين کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ آهي، اسين پيڪا قانون بابت صحافتي تنظيمون سان مشاورت لاءِ مڪمل تيار آهيون، وفاقي وزير آگاهي ڏني ته شايع نه ٿيندڙ ڊمي اخبارن جي خاتمي لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي ۽ پرنٽ ميڊيا کي هن سال جي رهتن جي مد ۾ ادائيگيون ڪيون وينديون، هن پاڪستان-ڀارت تڪرار دوران قومي مفاد ۾ ميڊيا جي ڪردار جي ساراهه پڻ ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.