گهڻ ماڙ عمارت جي غيرقانوني تعمير جي اجازت تي 18 جوابدارن جا وارنٽ جاري

ڪراچي (رپورٽر)صوبائي اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن امين الله صديقي جي عدالت ۾ صدر ٿائون جي علائقي کارادر ۾ غيرقانوني  گهڻ ماڙ عمارت ٺاهڻ جي اجازت ڏيڻ ،اختيارن جو ناجائز استعمال ،رشوت وٺڻ خلاف ٻڌڻي ٿي،عدالت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيسرن ،سب رجسٽرار ، بلڊر سميت 18 جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري ورانٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، عدالت جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي، جوابدارن ۾ ايس بي سي اي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ڏکڻ عامر خان ، ڊپٽي ڊائريڪٽر جعفر امام ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سيد علي مهدي جعفري، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر علي،اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڏکڻ ڪامران وحيد،اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڏکڻ ضمير ايوب ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آفتاب سومرو ، سينئر بلڊنگ انسپيڪٽر دليپ ڪمار ، انعام علي جتوئي ، محمد عباس ، عمير دايو ، فضل الحق ، نديم آرائين ، مقصود علي ، شفقت رسول ، سب رجسٽرار صدر شڪيل ميمڻ۽ بلڊر شڪيل احمد شامل آهن، عدالت ۾ جاچ آفيسر چيو ته جوابدار بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا آفيسر آهن ،عدالت ۾ اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر شير زمان چيو ته جوابدارن اختيارات جو ناجائز استعمال ڪيو ، رشوت عيوض گهڻ ماڙ عمارت جي اجازت ڏني، عدالت جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي جاچ آفيسر کي 17 جولاءِ تي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.