ڌاڙيلن ۽ سردارن جو ڳٺ جوڙ سنڌ لاءِ ناسور بڻيل آهي:ڪاشف شيخ

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ شڪارپور مان عيد جي ٻئي ڏھاڙي وچ شھر مان اغوا ٿيندڙ ٻارڙي انس ٿھيم جي بازيابيءَ کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي گھر ڪئي آھي تہ ساڳي شھر ۾ بي رحماڻي طريقي سان قتل ٿيندڙ روھيت ڪمار اوڏ جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ۽ معصوم نياڻي پريا ڪماري فضيلا سرڪي کي بہ بازياب ڪرايو وڃي. ھن اڄ ھڪ بيان ۾ چيو تہ جيستائين معصوم عام شھرين ٻارڙن نياڻين کي اغوا ۽ قتل ڪندڙ ڏوھارين توڙي انھن جي سرپرستن جي ڪچيءَ ۾ ھٿ ڪونہ وڌا ويندا اوستائين سنڌ ۾ امن امان ھڪ خواب ئي بڻيل رھندو. ڌاڙيلن ،پوليس  ۽ ظالم بااثر سردارن جو ڳٺ جوڙ سنڌ لاءِ ھڪ ناسور بڻجي ويو آھي تنھن کان نجات حاصل ڪرڻ اڻٽر آھي. ھٿ وٺ سنڌ جو امن تباھ ڪيو پيو وڃي ،پ پ جي سنڌ حڪومت جو ڪردار سھولت ڪاري وارو آھي. سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ 200ارب خرچ ڪيا ويا پر سنڌ جو عوام امن لاءِ ترسي پيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.