حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، لال جروار ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته عوامي پورهيت تحريڪ نالي ڪنهن پارٽي 15 جون تي مڪلي کان جنگشاهي تائين ريلي ڪرڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا وسيلي اها پروپيگنڊا شروع ڪئي ته اسان جي ريلي رسول بخش پليجي جي آخري آرمگاهه تائين وڃڻي هئي پر تربت جي دروازي کي تالا هڻي بند ڪري تربت تي وڃڻ کان روڪيو ويو، ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ واضح ٿي ڪري ته جيتوڻيڪ جلسي گاهه جي ميدان وارو دروازو هميشه کليل هوندو آهي پر هي ڳالهه واضع هجي ته رسول بخش پليجو وڏو مفڪر، مدبر ۽ انقلابي اڳواڻ هو. جنهن زندگيءَ جو وڏو حصو انقلابي تنظيم عوامي تحريڪ کي ٺاهڻ ۽ ان جي ڪارڪنن جي تربيت ڪرڻ لاءِ سخت پورهيو ڪيو ۽ هن پاڻ سندس ٺاهيل عوامي تحريڪ کانسواءِ ڪنهن به فرد، گروهه، يا ٽولي کي اها اجازت نه ڏني ته سندس نالو يا تصوير استعمال ڪري، ان صورت ۾ عوامي تحريڪ جا لکين ڪارڪن ڀائر ۽ ڀينرون ڪنهن به سياسي ڌر جو چوغو پاتل ايجنسين جي پاليل سردارن، پيرن ۽ وڏيرن جي پڇ لٽڪائو منافق، فسادي، ڏڦيڙ پيدا ڪندڙ کي اجازت نه ڏيندا ته اھي پليجي صاحب جي مزار تي سياسي پروگرام جي نالي ۾ پنهنجي عوام دشمن، سنڌ دشمن ايجنڊا کي اڳتي وڌائين، باقي ڪنهن کي به مزار تي اچڻ ۽ پليجي صاحب کي خراج پيش ڪرڻ جي نه اڳ منع هئي نه وري اڄ آهي.