پليجاڻي ويجهو هٿياربندن صوبائي وزير جي ڪمدار کي قتل ڪري ڇڏيو

مٽياري/پليجاڻي( رپورٽ: ضمير خاصخيلي+واحد جان مري)مٽياري ڀرسان ڇنڊڻ موري وٽ صوبائي وزير جي زرعي زمين  تي ويٺل ڪمدار کي ڏينهن ڏٺي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، ڪمدار ڪمال حاجاڻو کي 3 هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، جنهن جو اطلاع مٽياري پوليس کي ڏنو ويو جنهن بعد پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد اسپتال منتقل ڪيو جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وارث لاش کڻائي ٿاڻي تي پهچي ويا جتي هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، جڏهن ته ايف آءِ آر  ۾ ٽن جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو جن ۾ علي محمد عرف سوجهر کوسو، بهادر عرف ڏاڏو کوسو ۽ فقير محمد کوسو شامل آهن جڏهن ته چار جوابدارن کي نامعلوم ڄاڻايو ويو آهي، جنهن بعد پوليس ڪجهه شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي،واقعي بعد کوسا برادريءَ جا ماڻهو گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته اسان کوسا جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سندس گهرن تي ڇاپو هنيو ته آهي اڳ ئي گهر خالي فرار ٿي ويا آهن، پوليس قتل جو ڪارڻ زميني تڪرار ٻڌايو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته کوسن جو ان زمين تي تڪرار هلندڙ آهي جنهن ڪري زمين تي ويٺل ڪمدار کي قتل ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب سنڌ حڪومت جي صوبائي وزير ڪجهه عرصو اڳ اها زرعي زمين خريد ڪئي هئي، جنهن زمينن تي کوسا ويٺل هئا جنهن بعد ان تڪرار ڪر کنيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪمدار ڪمال حاجاڻو به قتل ٿيو آهي.ٻئي طرف ان معاملي جو موقف وٺڻ لاءِ ايس ايس پي مٽياري ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.