اسرائيل تي ايران جي حملي جا تفصيل ٻڌائيندڙ اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي ڇانيل آهن. ان جي مختلف پليٽ فارمن تي سرسري نظر وجھان تھ حيران ٿي وڃان ٿو. ڪڏهن سوچيو بھ نھ هو ته ايران ۽ اسرائيل جي گڏيل معاملن کي سمجھڻ وارا ايڏي گھڻي تعداد ۾ موجود آھن. ان جنگ جا نقصانن ۽ امڪاني نتيجن بابت پنهنجي ‘ڄاڻ’ کان اڳ، اسرائيل ايران جنگ کي بھرحال مان هڪ مختلف حوالي سان بيان ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ حوالو آھي موجوده آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ .
منهنجي اھا دعويٰ شايد اڪثريت پڙهندڙن کي ٻاراڻي لڳي ته ظاھري نظر ۾ پنھنجي ڪاروباري صلاحيتن ۾وڌاءُ ڪري بيان ڪندڙ پراپرٽي ڊيلر ٽرمپ بنيادي طور تي مسخرو محسوس ٿيندو هو. سياست جهڙي گهري ۽ پيچيده ميدان ۾ سندس ڪاميابي لاءِ ڪا به گنجائش نظر نھ پئي آئي. سياست کان قطعي اڻ واقف ھئڻ باوجود 2016 ۾ هن سياست جي ماھر ترين رانديگر، هيلري ڪلنٽن کي شڪست ڏئي، مون جهڙن مبصرن کي حيران ڪري ڇڏيو. هيلري جي ناڪامي اڃا به وڌيڪ حيران ڪندڙ ان ڪري محسوس ٿي هئي ڇاڪاڻ ته هوءَ ڪلنٽن جي زال هئي، جيڪو موجودھ دور جي سياستدانن ۾ ڪامياب ترين فردن جي پھرين صف ۾ڳڻي سگھجي ٿو.
ٽرمپ جڏھن مون جهڙن عقل ُڪل ماڻھن کي پڇاڙي کٽي ويو تھ نھايت خلوص، لگن ۽ ايمانداري سان مون سندس ڪاميابي جا سبب ڳولڻ لاءِ بيشمار مضمون ۽ ڪجهه اهم ڪتابن جو غور سان مطالعو ڪيو. سندس فتح جو اهم سبب اهو نظر آيو تھ روايتي اشرافيه جي مقابلي ۾ نيويارڪ جو اھم ڪاروباري شخص هجڻ باوجود، ٽرمپ پنهنجي گفتگو ۽ رويي ۾ هڪ عام ماڻهو وانگر لڳندو آهي. ماڻهن جي دل جيتڻ لاءِ، هن سياستدانن کي برائي جي علامت بڻائي پيش ڪيو. جيڪي سکڻين ڳالھين سان ماڻهن جي دلين کي وھي وٺڻ بعد اقتدار ۾ اچي ٿو تھ غريبن جي ڀلائي لاءِ تسلي جا ٻھ ٻول ٻولڻ کان نه ڊڄندا آهن.
اهم سبب کان اڳتي وڌجي تھ ٽرمپ آمريڪا جي گورن فردن جي اڪثريت جي دلين ۾ لڪيل تعصب کي ڪنهن به پرواهه کان سواءِ شاندار انداز ۾ بيان ڪرڻ شروع ڪيو. ٻين ملڪن، خاص طور تي لاطيني آمريڪا کانسواءِ مسلم ملڪن کان آمريڪا ايندڙ هر شخص کي ھن ‘ڏوھ ڪندڙ’ بڻائي ڇڏيو . انهن کي گهٽ اجرت تي ڪم ڪندڙ آمريڪي گورن ۾ بيروزگاري جو واحد ذميوار قرار ڏنو.
بيروزگاري جو ذڪر ڪندي،آمريڪا جي ايپل جهڙين وڏين آمريڪي ڪمپنين کي به سخت زبان ۾ لتاڙيندو رھيو، جيڪي سندس نظر ۾ سستي اجرت جي خاطر گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان چين ۾ سيڙپڪاري ڪندي، ان ملڪ کي آمريڪا جي مقابلي ۾ کڙو ڪرڻ جا ذميوار هئا. جڏهن سيڙپڪاري چين منتقل ٿيڻ لڳي ته آمريڪا ۾ ڪارخانا بند ٿيڻ شروع ٿي ويا. بند ڪارخانن وارن آمريڪي رستن کي انھيءَ ڪري رسٽ اسٽيٽس يعني زنگ لڳل رياستون چيو ويندو آهي. انهن رياستن ۾ پکڙيل مايوسي ۽ بيروزگاري کي، جي ڊي وينس پنهنجي ناول ”هِل بِلي ايليگي“ ۾ تمام سهڻي نموني بيان ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن ڀيري، صدارتي عهدي لاءِ چونڊ وڙهيندي، ٽرمپ کيس پاڻ سان نائب صدر جو اميدوار بڻايو.
ايترو لکڻ کان پوءِ، خيال آھي تھ تمھيد ڊگھي ٿي وئي آھي. مون کي ايران تي ٿيل اسرائيل جي حملي جو تعلق ٽرمپ جي سياست سان ڳنڍڻو هو.ان موضوع تي ڌيان محدود رکڻو پوندو. ان ضرورت تي عمل ڪندي ھڪدم ياد آيو تھ ٽرمپ ڊيپ اسٽيٽ، ‘پري رکيل دولت’ کي بھ آمريڪي عوام جي اصل دشمن سمجهي ٿو. ‘ڊيپ اسٽيٽ’ اصل ۾ رياست جي دائمي ادارن تي ٻڌل ھوندي آهي. سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي. ٽرمپ اصرار ڪيو ته هن کان اڳ آيل آمريڪي صدر، اصل ۾ ‘ڊيپ اسٽيٽ’ جا ڪارندا هئا. وائيٽ هائوس پهچڻ کان پوءِ آمريڪي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪجهه ڪرڻ بدران، ھو هٿيارن جي ڪارخانن کي امير رکڻ لاءِ ٻين ملڪن تي ڊگهي مدت جون جنگيون مڙھي ڇڏين ٿا. هٿيارن جي ڪارخانن جي ڌنڌي کي جاري رکڻ جي لاءِ مڙھيل جنگين جو ذڪر ٽرمپ کان اڳ ۾ اوبامھ بھ ڪيو ھو. جنگين جي مخالفت جي بنياد تي ھوءَ اليڪشن کٽي ويو. عراق مان آمريڪي فوج کي جلد کان جلد واپس گهرائي ورتو. پر افغانستان ۾ هو ائين ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو. جيڪو سرمايو غريب آمريڪي شهري جي ڀلائي تي خرچ ٿي پئي سگهيو ، اهو افغانستان کي جھڪائڻ تي خرچ ٿي ويو.
اوباما جي ناڪامي جو فائدو وٺندي، ٽرمپ ڊيپ اسٽيٽ پاران مڙھيل جنگين جي وڌيڪ مذمت شروع ڪري ڏني.افغانستان ۾ آمريڪي فوج کي ٻن ڏهاڪن تائين مڙھي رکڻ جي سبب آمريڪي معيشت کي جيڪو نقصان ٿي رھيو ھو ان تي ڌيان ڇڪائيندي، هن دوحا ڳالهين ذريعي طالبان سان امن معاهدو ڪيو. اها الڳ معاملو آهي ته هن جي ڪيل معاهدي تي عمل ڪندي، آمريڪي فوج کي 2021 ۾ بائيڊن جي صدارت دوران ذليل ۽ خوار ٿي ڪري سان افغانستان مان وطن ورڻو پيو.
افغانستان مان ذلت واري واپسي جي باوجود آمريڪا جو ٻيھر صدر چونڊجڻ لاءِ ھلايل مھم دوران ڊونلڊ ٽرمپ مستقل مزاجي سان آمريڪا جي ٻين ملڪن خلاف آمريڪا جي ”خوامخواھ“ وڙھجندڙ جنگين جي مخالفت ڪندو رھيو.هو اصرار ڪندو رھيو تھ جيڪڏهن هو آمريڪي صدر هجي ها ته روس ڪڏهن به يوڪرين تي حملو نه ڪري ها. کيس چونڊجي وڃڻ کي هاڻي 6 مهينا ٿي ويا آهن. روس ۽ يوڪرين جي جنگ بھرحال اڃا تائين جاري آهي ۽ ٽرمپ وٽ ان کي روڪڻ لاءِ ڪو نسخو نظر نٿو اچي.
ھن جي خوشقسمتي اھا ٿي تھ هندستان 6 ۽ 7 مئي جي وچواري رات پاڪستان تي ميزائلن جو مينهن وسائي ڇڏيويو. بھانو پهلگام ۾ ٿيل هڪ دهشتگردي جو واقعو بڻيو، پر ان واقعي ۾ پاڪستان جي ملوث ھجڻ جو ڪو ھڪ ثبوت بھ دنيا جي سامهون آڻڻ جي زحمت نه ڪئي.پاڪستان پاڻ تي ٿيل حملي کان پوءِ جوابي ڪارروائي ڪرڻ تي مجبور ٿيو. جڏهن اهو مڪمل پيماني تي ٿيو،تھ صدر ٽرمپ ‘ايٽمي جنگ’ روڪرائڻ لاءِ متحرڪ ٿي ويو. پاڪ ھند جنگ جو ڊگھو ٿيڻ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ نه هو.پنھنجي طور تي حساب برابر ڪرڻ کان پوءِ، ٻئي ملڪ جائز سببن جي بنياد تي جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا هئا. ٽرمپ وڏي هوشياري سان ان فضا مان فائدو ورتو. پنهنجي مددگارن کي پاڪستان ۽ هندستان جي فيصلي سازن سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو، آخرڪار جنگ بندي ٿي وئي، تھ رٺيل ٻارن وانگر ھو شڪايت ڪرڻ شروع ٿي ويو تھ دنيا کيس ‘ايٽمي جنگ’ روڪڻ جو ڪريڊٽ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. کيس امن جو ديوتا تھ ڇا پر امن جو پيغامبر بھ نٿو مڃيو وڃي.
ٺوس حقيقتن کي ھڪ پاسي ڪندي، ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته پاڪ هند جنگ دوران، آمريڪي صدر واقعي جنگ کي روڪرائڻ ۾ حيرت انگيز طور تي سرگرم رهيو. مٿي ذڪر ڪيل تناظر ۾ سندس بيچيني ۽ بي قراري ان ڪري پڻ حيران ڪندڙ هئي ڇاڪاڻ ته سندس پوئين صدارت دوران، هو هندستاني وزيراعظم نريندر مودي جو تقريباً ‘جگري يار’ بڻجي چڪو هو. پاڪستانين جي اڪثريت ھن جي ماضي کي ذھن ۾ رکندي اھو سوچي رهي هئي ته پنهنجي ٻئي صدارت واري دور ۾ هوءَ هندستان کي ڏکڻ ايشيا جو آخري ٺيڪيدار مڃرائڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ معاشي اعتبار سان هن ملڪ ۾ آمريڪي سيڙپڪاري ذريعي ان کي اقتصادي لحاظ کان چين جي برابرکڙو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
تفصيل ڄاڻڻ کان سواءِ، اسان ڪجهه شيون اعتماد سان بيان نٿا ڪري سگهون. هندستاني سياست جي هڪ پراڻي شاگرد جي حيثيت سان جيتوڻيڪ مون کي شڪ ٿئي ٿو تھ پاڪ هند جنگ دوران ھندستاني وزيراعظم ئي نھ پر سندس مددگارن به آمريڪي رابطي ڪارن سان اھڙو ئي سخت رويو اختيار ڪيو هوندو جيڪو نهرو جي وقت کان وٺي هر هندستاني سرڪار پاڻ کي آبادي جي لحاظ کان ‘دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت’ قرار ڏيندي، ترقي يافته ملڪن سان سرد جنگ دوران برقرار رکندي رھي آهي. سبب ڪجهه به هجي، هندستاني سخت روئي ٽرمپ کي پاڪستان جو حامي بڻائي ڇڏيو. اسان جي حمايت ۾ هن کي ڪشمير به ياد اچي ويو ۽ ان کي حل ڪرڻ لاءِ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ چاھي ٿو.
هن تفصيلي تمھيد کان پوءِ سوال پيدا ٿئي ٿو مئي جي شروعات ۾ ‘ايٽمي جنگ’ کي روڪرائڻ لاءِ بيچين ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل کي ايران تي حملو ڪرڻ کان ڇو نه روڪي سگهيو. ان سوال جو جواب ڳوليندي، مان اهو نتيجو ڪڍڻ تي مجبور آهيان ته ٽرمپ اسرائيل جي ايران تي حملي لاءِ پنھنجي صدارتي کان اڳ ذهني طور تي تيار هو. پنهنجي حلف کڻڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ، اسرائيلي وزيراعظم نتن ياهو آمريڪا آيو.ميڊيا ۾ نتن ياهو جي واشنگٽن جي دوري دوران اها ڪهاڻي پکيڙي وئي ته اسرائيلي وزيراعظم ايران جي ايٽمي پروگرام کي تباهه ڪرڻ جو منصوبو کڻي آيو آهي. ‘امن جي پيغامبر’ (ٽرمپ) بھرحال ان کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ايران کي ايٽم بم ٺاھڻکان روڪڻ جي لاءِ ھن سان ڳالهين جو فيصلو ڪيو. سچ اهو آهي ته شروعات ۾ مان ذاتي طور تي هن ڪهاڻي کي سچ سمجهندو رھيس. پر هاڻي ڪافي ثبوتن سامهون اچي چڪا آهن جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته نتن ياهو ٽرمپ جي رضامندي سان ايران تي حملو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. آمريڪي رضامندي سفارتي انداز ۾ 11 جون 2025 تي دنيا سامھون آئي ھئي. ان تاريخ تي ڌيان ڏيندي.