ايران جو اسرائيل تي بيلسٽڪ ميزائلن سان نئون حملو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران اسرائيل تي نئون حملو ڪري ڇڏيو، ايراني فورسز طرفان اسرائيل جي اهم ۽ اسٽريٽجڪ هدفن تي ڪيترائي بيلسٽڪ ميزائل هلايا ويا آهن.
ايراني ميڊيا موجب ان حملي ۾ مختلف نوعيت جا ميزائل ۽ ڊرون استعمال ڪيا پيا وڃن.
ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته پاسداران انقلاب جي ايرو اسپيس فورس طرفان ڊرون ۽ ميزائل حملن جي هڪ نئين لهر شروع ٿي آهي، جنهن ۾ اسرائيل اندر اهم هدفن کي نشانو بڻايو پيو وڃي.
ايران جي حملي کانپوءِ تل ابيب ۾ فضائي دفاعي نظام فعال ٿي ويو ۽ سائرن وڄايا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.