آءِ جي سنڌ بابت بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو:ضيا لنجار

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزيرضياءُ الحسن لنجار سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن ٺٽي ۾ ماڊل پوليساسٽيشن جي افتتاح دوران منهنجي نالي سان جڙيل بيان کي توڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اندازي بازيون ۽ افواهه هاڻي هڪ روايت بڻجي ويا آهن، جيڪي مڪمل طور تي غلط آهن ۽ اسان جي اخلاقي قدرن جي ابتڙ آهن. هن چيو ته منهنجو آءِ جي سنڌ سان رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه جو سلسلو جاري رهي ٿو ، امن امان جو قيام ۽ ان جو استحڪام آءِ جي سنڌ جي سڀ کان اهم ذميوارين مان آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته مون ڪڏهن به پنهنجي آفيسرن جي دل آزاري جو سوچيو به ناهي.” ارمغان ڪيس ۾ منشيات جا ريڪٽ به سامهون آيا آهن. هن چيو ته ڪچي جي علائقن ۾ ڏوهارين ۽ ٻين جرائم پيشه عنصرن خلاف سنڌ پوليس سٺو ڪم ڪري رهي آهي ۽ انهن قدمن کي وڌيڪ طاقت ڏيڻ لاءِ هٿيارن جي خريداري جي مد ۾ بجيٽ ۾ رقم مخصوص ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.