سنڌ جي جيلن ۾ ڪرپٽ اهلڪارن خلاف ڪارروايون، 10 آفيسر معطل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي جيلن ۾ قائم بدعنواني واري نظام جي خاتمي لاءِ اهم قدم کنيو ويو آهي. آءِ جي جيل فدا حسين مستوئي جي حڪم تي جيل مافيا خلاف ڪارروائي ڪندي ڪيترن ئي اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي، لانڍي جيل ملير ۾ ڪرپشن ۾ ملوث اهلڪارن کي سندن عهدن تان هٽايو ويو آهي. ذريعن موجب اهي اهلڪار جيل جي اندر هڪ مڪمل غيرقانوني نظام هلائي رهيا هئا. معطل ٿيل اهلڪارن ۾ هيڊ ڪانسٽيبل طارق گجر، ڪانسٽيبل راشد چنگاري، نثار تنولي، وزير ڪلهوڙو، الطاف سومرو، عطا لاشاري ، سراج لاشاري ۽ نياز محمد شامل آهن،لانڍي جيل کانپوءِ هاڻ ڪراچي سينٽرل جيل، حيدرآباد ۽ سکر جيل ۾ به بدعنوان اهلڪارن جون لسٽون تيار ڪيون پيون وڃن ۽ جيل انتظاميا موجب مرحليوار سمورن ذميوارن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.