سنڌ سيلز ٽيڪس رولز خلاف ڪنٽونمنٽ بورڊ جون اپيلون آئيني بئنچ ڏانهن منتقل

 ڪراچي(رپورٽر)سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سنڌ سيلز ٽيڪس رولز 2014 خلاف ڪنٽونمينٽ بورڊز جي اپيلن تيٻڌڻي ٿي، عدالت معاملو سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ ڏانهن اماڻي ڇڏيوآهي، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته هي ريگيولر بئنچ آهي، نوٽيس جاري نه ڪنداسين، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به درخواست آئيني بئنچ ٻڌي هئي، عدالت نشاندهي ڪئي ته ڪمپنيون سروس چارجز جي نالي تي رقم وٺن ٿيون، جيڪا عوام کان ئي وصول ڪئي وڃي ٿي،  اڳ 100 رپيا ورتا ويندا هئا، هاڻي ٽيڪس وڌڻ سان 135 رپيا ورتا ويندا، عدالت سوال ڪيو ته اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ ڪنٽونمينٽ بورڊز ٽيڪس وٺن ٿا، ڇا سنڌ حڪومت ڪنٽونمينٽ بورڊ کان نه وٺي؟، عدالت واضح ڪيو ته  پئسا عوام کان ئي وصول ڪيا وڃن، اسين ڪو به غلط ڪم نه ڪنداسين.ياد رهي ته ڪنٽونمينٽ بورڊز پاران سنڌ سيلز ٽيڪس رولز 2014 کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو هو، جتي آئيني بئنچ درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.