مولانا فضل الرحمان جي پٽ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ٿي: مولانا عطاالرحمان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جمعيت علماء اسلام (ف) جي سينيئر اڳواڻ مولانا عطاالرحمان سينيٽ جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ مولانا فضل الرحمان جي پٽ مولوي اسجد محمود کي دهشتگردن روڪيو. هن موجب، مولوي اسجد محمود پنهنجي جماعت جي صدر جي گهرواري جي جنازي ۾ شرڪت لاءِ لڪي مروت وڃي رهيو هو، جڏهن ته يارڪ ٿاڻي جي حد ۾ 60 کان 70 هٿياربند دهشتگردن سندس گاڏي روڪيو ۽ کيس گاڏي مان لهڻ جو حڪم ڏنو. مولانا ٻڌايو ته ڳالهه ٻولهه جي ڪوشش ڪئي وئي، پر دهشتگرد نه مڃيا ۽ ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي هٿيار تاڻي ڇڏيا.مولانا عطاالرحمان موجب، پوءِ دهشتگردن پنهنجي امير سان رابطو ڪيو ۽ مولوي اسجد محمود به انهن جي امير سان ڳالهايو، جنهن کانپوءِ کيس وڃڻ جي اجازت ملي. پر افسوس جو اظهار ڪندي مولانا چيو ته اڄ خبر ملي آهي ته اهي دهشتگرد پاڻ پڇتائين پيا ڪن ته انهن کان غلطي ٿي وئي، جو مولوي اسجد کي وڃڻ ڏنو.هن سوال ڪيو ته جڏهن هر طرف سيڪيورٽي فورسز موجود آهن ته پوءِ اهڙي وڏي تعداد ۾ دهشتگرد روڊ تي ڪيئن نڪرن ٿا؟ اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏني پئي وڃي. جڏهن ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو ته اسان پنهنجي سڀ اختلاف وساري رياست ۽ پاڪ فوج جو ساٿ ڏنو. جيڪڏهن اسان هر محاذ تي رياست جو ساٿ ڏنو آهي ته پوءِ اسان کي به مڪمل تحفظ ملڻ گهرجي.مولانا جي تقرير تي چيئرمين سينيٽ سيد يوسف رضا گيلاني ايواڻ کي هدايت ڪئي ته ڪابينا يا پارليامينٽ جا لاڳاپيل نمائندا مولانا عطاالرحمان سان ملاقات ڪري هن معاملي تي وضاحت پيش ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.