تيل اگھن ۾ واڌ عوام تي ڊرون حملو آھي: ڪاشف سعيد شيخ

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ شھباز حڪومت طرفان ٽيڪسن سان ڀريل عوام دشمن بجيٽ پيش ڪرڻ کان پوءِ تيل اگهن ۾ 8رپيا واڌ ڪرڻ جي سخت مذمت ۽ ان کي عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪيرائڻ قرارڏيندي عوامي مفادن خاطر فيصلو واپس وٺڻ جي گھر ڪئي آھي. ھن اڄ ھڪ بيان ۾ چيو ته تيل اگھن ۾ واڌ سان ھر شيءِ جا اگھه چوٽ تي چڙھي ويندا آھن جنھن جو بار سڌو سنئون عوام تي پوندو آھي. پنھنجا ڪپڙا  وڪڻي اٽو سستي ڪرڻ جا دعويدار دوکي باز حڪمران تيل گيس بجلي جي اگھن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪري غريب ماڻھن کان جيئرو رھڻ جو حق به کسڻ چاھين ٿا، اڳ ۾ ئي سرڪار تيل جي في ليٽر تي ڪيترائي ٽيڪس وصول ڪري ٿي ھاڻوڪي واڌ سان مهانگائي جو وري ھڪ نئون طوفان ايندو، انڪري عوام مفادن خاطر تيل اگهھ گھٽايا وڃن، حڪومت پنھجا شاھي خرچ گھٽائي عام ماڻھو کي ريليف ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.