لکي غلام شاهھ(ن ع آ) لکي غلام شاھه لڳ جاڙا واهھ جي ڳوٺ غلام حيدر کوسو ۾ مبينا هٿياربندن گوليون هڻي معصوم نينگر فرحان کوسو کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو 3 ڄڻن مان ھڪ ڄڻو ٿڏي تي پوليس گرفتار ڪري ورتو، جڏھن ته 2 ڄڻا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، واقعي جي اطلاع تي لکي پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي لاش کي کڻائي تعلقي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو پوسٽ مارٽم ٿيڻ کان پوءِ مڙھه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻئي طرف نينگر جي والد ڄام کوسو دانھيندي چيو ته رات جو گھر ۾ ستل ھئاسين ته 3 ھٿياربند گھر اندر داخل ٿي مونسان گڏ ستل نينگر فرحان مٿان گوليون ھڻي قتل ڪرڻ بعد 2 جوابدار فرار ٿي ويا، جڏھن ته ھڪ جوابدار دلشاد ولد محمد مريد کوسو کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، ھن وڌيڪ چيو ته تڪرار کي ڪيترائي سال گذري ويا آھن هن باوجود حملو ڪري نينگر کي قتل ڪيو ويو، اعلي اختياريون نوٽيس وٺن، هوڏانهن الزام هيٺ آيل ڳوٺاڻن چيو ته هو بيڏوهي آهن ڪوڙو الزام هڻي ڦاسايو پيو وڃي، هن رات جي پهر ۾ پاڻ گهر اندر فائرنگ ڪئي جنهن دوران نينگر قتل ٿي ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي.