لاڙڪاڻو (ن ع آ ) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي جي اڳواڻي ۾ سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ ، تڪراري ڪئنالن ۽ بدامني، مھانگائي ، ڪرپشن خلاف ۽ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي جي 17 ورھين جي دور ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي ماڻھن کي سواءِ بک، بدحالي بدامني ،مھانگائي ،ڪرپشن جي ٻيو ڪجهھ ناھي ڏنو پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ سان غداري ڪري رھي آھي، سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي نيلام ڪيون پيون وڃن ،انھن زمينن تي سنڌ جي غريب مسڪين ھارين جو حق آھي، جڏھن ته سنڌ جي زراعت مڪمل تباھ ٿي وئي آهي، بجيٽ ۾ زراعت لاءِ ڪو به پيڪيج نه ڏنو ويو تيل جي اگھن ۾ واڌ ڪري غريب عوام سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، اڳي ئي تمام گهڻي مھانگائي آھي تيل جي قيمتن کي وڌائڻ سان مھانگائي جو طوفان ايندو .