تل ابيب(م ڊ) اسرائيل جا فضائي دفاعي نظام ايران جي نيئن ميزائل حملي آڏو جهڪي ويا،ايراني ميزائلن کي ڏسي ايئن محسوس ٿيندو هو ته جيئن بارود سان ڀريل هڪ بس اسرائيل جي شهر سان ٽڪرائڻ واري هجي،برطانوي اخبار”دي ٽيليگراف“جي رپورٽ مطابق اهي لفظ بينجمن نيتن ياهو ايران جي بيلسٽڪ ميزائلن جي باري ۾ چيا، جيڪي هفتي جي آخر ۾ هن جي ملڪ تي فائر ڪيا ويا،اسرائيلي فوجي اختيارين مطابق تهران جمعي کان وٺي هيل تائين اسرائيل تي 200 کان وڌيڪ ميزائل داغي چڪو آهي