اسلام آباد/ بغداد/تهران(بيورو رپورٽ/ م ڊ) وچ اوڀر ۾ جنگي صورتحال کانپوءِ ايران ۽ عراق ۾ هزارين پاڪستاني زائرين، سياح ۽ ٻيا ماڻهو ڦاسي پيا آهن، جڏهن ته انهن متاثر ٿيل ماڻهن کي پاڪستاني سفارتخانن سان رابطو ڪرڻ ۾ به وڏي ڏکيائي پيش اچي رهي آهي.ڦاٿل پاڪستانين جو چوڻ آهي ته تهران ۾ پاڪستاني سفارتخاني جو واحد ايمرجنسي نمبر بند آهي، جڏهن ته عراق ۾ به پاڪستاني سفارتخاني جا ايمرجنسي نمبر ڪو به نه ٿو وٺي. سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران ۾ پاڪستاني سفير موڪلن تي پاڪستان آيل آهي، جڏهن ته جنگي صورتحال باوجود بغداد ۾ پاڪستاني سفارتخانو معمول مطابق ڪم ڪري رهيو آهي، پر مذهبي موڪل سبب بند آهي. ٻئي پاسي، جنگي صورتحال سبب پاڪستان کان ايران ڏانهن سفر بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سفارتي ذريعن موجب، پاڪستانين جي حفاظت جي خاطر اڄ کان پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، زميني رستن ذريعي به ايران وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.
ايران ۾ مقرر پاڪستاني سفير محمد مدثر ٽپو جو چوڻ آهي ته ايران ۾ 30 کان 40 هزار پاڪستاني موجود آهن، 155 پاڪستاني شاگردن کي تافتان بارڊر ڏانهن اماڻيو پيو وڃي، هن وقت ايران ۾ لڳ ڀڳ 4،500 زائرين موجود آهن. پاڪستاني سفير وڌيڪ چيو ته گذريل ڏينهن 450 پاڪستاني زائرين بارڊر تي پهچي چڪا آهن، پاڪستان کان ايران اچڻ وارن زائرين کي صورتحال ڏسڻ گهرجي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پيغام ڏيندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته موجوده علاقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جي حڪومت ضروري قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ايران مان 450 پاڪستاني زائرين جي حفاظت سان واپسي کي گذريل ڏينهن مڪمل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايران ۾ رهندڙ پاڪستاني شاگردن جي محفوظ واپسي جي لاءِ به انتظام ڪيا پيا وڃن، پهرين مرحلي ۾ 154 شاگردن کي ڪڍيو ويندو. نائب وزيراعظم چيو ته پرڏيهي وزارت ۾ ڪرائسز مينجمينٽ يونٽ 24 ڪلاڪ فعال آهي. نائب وزيراعظم ٻڌايو ته خطي ۾ موجود اسان جو سفارتخانو پاڪستاني شهرين ۽ زائرين جي مدد ۽ واپسي جي لاءِ سمورن ضروري قدمن جي مڪمل نگراني ڪري رهيو آهي.