”ايراني آرمي چيف ڌيءَ جي گهر ۾ اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيو”

نيو يارڪ (شهباز گل) تازين رپورٽن موجب ايران اسرائيل جي شهر حيفا تي 40 بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا، جن مان ڪجهه امڪاني طور تي مارڪ 7 رفتار وارا سپرسونڪ خيبر ميزائل هئا، جيڪي 9,000 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان 10 منٽن ۾ تل ابيب پهچي سگهن ٿا. انهن ميزائلن اسرائيلي دفاعي نظام کي ناڪام بڻائيندي وڏي تباهي آندي، جنهن ۾ فوجي هيڊڪوارٽر، سائنسي ادارا ۽ سوشل ميڊيا سينٽر شامل آهن.  تقريبن 20 اسرائيلي فوجي مارجي ويا ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. اسرائيل جي حملن ۾ ايران جو آرمي چيف ۽ سندس صحافڻ ڌيءَ شهيد ٿيا. اسرائيل جي ڳجهي ڪارروائي جي ذريعي ايران جي ڪيترن ئي اهم ڪمانڊرن، انٽيليجنس چيف، ايٽمي سائنسدانن ۽ سندن امڪاني ڪمانڊ سنڀاليندڙن کي به شهيد ڪيو ويو. اسرائيل ڪيترن مهينن کان ايران جي اندر ڊرون تيار ڪري ڳجهي بيس تان هڪ ئي وقت حملا ڪيا، جن جي ذريعي شروعاتي رات ئي ايراني اڳواڻن کي نشانو بڻايو ويو. ايران لاءِ هي صورتحال ڇرڪائيندڙ آهي، جتي اندروني جاسوسي ۽ انتهائي تيار رٿابنديءَ ذريعي وڏا نقصان پهچايا ويا. اسرائيل پاران تهران کان 80 ڪلوميٽر پري هڪ علائقي ۾ زمين حاصل ڪئي وئي هئي جتي هنن بيس ٺاهيو هو، اسرائيل ان بيس تي ڊرون اسيمبل ڪيا ۽ انهن ڊرونن ذريعي ئي ايراني قيادت کي نشانو بڻايو ويو. اسرائيل جي جاسوسي ايتري تيز هئي جو ايراني آرمي چيف جيئن ئي ڌيءَ جي گهر منتقل ٿيو ته اها خبر به جاسوس ڏئي ڇڏي ۽ آرمي چيف کي سندس ڌيءَ جي گهر ۾ ڊرون سان ئي نشانو بڻايو ويو جيڪو ايران ۾ ئي تيار ڪيو ويو هو. ايتري تيز جاسوسي مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته جاسوس آرمي چيف سان گڏ هو، سندس ڊرائيور، سندس عملي جو ڪو ماڻهو ٿي سگهي ٿو يا وري سندس ڌيءَ جي گهر ۾ ڪو اهڙو ماڻهو ٿي سگهي ٿو.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز،  سومر 16 جون 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.