ايبٽ آباد ۾ شادي تقريب دوران کدڙو فقير قتل

ايبٽ آباد (م ڊ) ايبٽ آباد ۾ شادي جي تقريب دوران هٿياربند نوجوان کدڙي فقير زيبي ملڪ کي قتل ڪري ڇڏيو. وڊيو ۾ ڏسڻ ۾ آيو ته جوابدار زيبي تي ٻه ڀيرا فائرنگ ڪئي. پوليس موجب، واقعو 13 جون تي پيش آيو، جنهن ۾ هڪ عورت ڊانسر به زخمي ٿي. زخمي عورت جي شڪايت تي ڪيس داخل ٿيو، جنهن تي ٽرانس برادري اعتراض ڪيو. سماجي اڳواڻ ماريا خان دعويٰ ڪئي ته جوابدار زيبي تي لاڳاپن لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو هو، انڪار تي قتل ڪيو ويو. پوليس جوابدار کي هٿيار سميت گرفتار ڪري رمانڊ ورتو. ٽرانسايڪشن ڪميٽي موجب، 2015 کان صوبي ۾ 154 ٽرانس جينڊر قتل ٿيا، اڪثر جوابدار آزاد گهمن پيا. برادري جو مطالبو آهي ته زيبي جي قتل جو ڪيس کدڙن فقيرن جي نمائندگي هيٺ هجي ته جيئن انصاف يقيني بڻجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.