حڪومت کي ڪشمير تي واضح موقف اختيار ڪرڻ گهرجي:حافظ نعيم

لاهور(پ ر)جماعت اسلامي جي مرڪزي شوريٰ جي اجلاس ۾ ڪشمير تي فوري طور تي ڳالهين ۽ حقيقي ڪشميرين جي ڳالهين ۾شرڪت جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ۽ مطالبو ڪيو ويو آهي ته پاڪستان کي اهو واضح موقف اختيار ڪرڻ گهرجي ته ڪشميري عوام جي شرڪت ۽ مرضي کانسواءِ ڪو به حل قابل قبول ناهي.

حقيقي ڌرين جي شرڪت ڳالهين کي اثرائتو بڻائيندي ۽ ان جي نتيجي ۾ هڪ حل نڪرندو.جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته ٻن ايٽمي طاقتن جي وچ ۾ تڪرار جي ڪري ڏکڻ ايشيا جو امن تباهه ٿي ويندو، جنهن جا اثر ڊگهي عرصي تائين رهندا. هي قرارداد جماعت اسلامي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي امير ڊاڪٽر محمد مشتاق خان پيش ڪئي مرڪزي شوري اعلان ڪيو ته ڀارت کي سنڌ طاس معاهدي جي پاسداري ڪرڻ گهرجي ۽ دريائن تي ڊيم ٺاهي پاڪستان جي پاڻي کي محدود ڪرڻ جي ڪوششن کي روڪڻ گهرجي. ڳالهين ۾ هن معاهدي جي بين الاقوامي نگراني ۽ ثالثي تي زور ڏنو وڃي. اجلاس کي اميد آهي ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي لاءِ هن سونهري موقعي کي ضايع نه ٿيڻ ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.