بکر(م ڊ)بکر ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي مقامي اڳواڻ ثمرا بتول کي سندن آفيس اندر فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، جڏهن ته ساڻس گڏ ويٺل ثناالله ۽ عرفان به فائرنگ جو نشانو بڻيا، افسوسناڪ واقعي دوران ثمرا بتول جو 13 ورهين جو پٽ محفوظ رهيو، پوليس موجب، ملز ٽائون واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن آفيس اندر گهڙي فائرنگ شروع ڪئي، جنهن ۾ ٽئي ڄڻا موقعي تي مارجي ويا،اطلاع تي پوليس پهچي وئي، آفيس کي سيل ڪيو ويو ۽ سرگودها مان فرانزڪ ٽيم گهرائي وئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته فرانزڪ جاچ کان پوءِ لاش اسپتال منتقل ڪيا ويندا. مقتولا جو پٽ حفاظتي تحويل ۾ آهي، جڏهن ته آءِ جي پنجاب واقعي جو نوٽيس وٺندي آر پي او سرگودها کان رپورٽ طلب ڪئي آهي ۽ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، علائقي واسين پاران سياسي اڳواڻ جي ائين ڏڻهڙي ڏينهن تي قتل تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي تحفظ جي گهر ڪئي پئي وڃي.