اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ حڪومت مهانگائي جو اعتراف ڪيو آهي جڏهن ته مخالف ڌر مختلف ٽئڪسن جي مخالفت ڪندي انهن کي مهانگائي جو ڪارڻ قرار ڏنو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايران تي اسرائيلي حملن جي سخت مذمت ڪئي. هن چيو ته جڏهن ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو، ته ان جا هٿيار اسرائيلي ساخت جا هئا. هن چيو ته خواجه آصف صرف تقرير ڪري هليو ويو.پلوامه واقعي تي اڳوڻي وزيراعظم ڀارت کي سخت جواب ڏنو هو. هن چيو ته خيبرپختونخوا جي رِڪوري 91 سيڪڙو آهي، پوءِ به نيٽ هائيڊل پرافٽ ۽ بجلي نٿي ملي.عيد تي صرف 2 ڪلاڪ بجلي هئي. اطلاعات واري وزير عطا تارڙ چيو ته گڏيل قومن جي چارٽر تحت ايران کي دفاع جو حق حاصل آهي. هن چيوته پي ٽي آءِ چيئرمين جو سوشل ميڊيا ايران بابت خاموش آهي. پ پ جي مرزا اختيار بيگ چيو ته سولر تي 18سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ حڪومت جي پنهنجي پاليسي جي ابتڙ آهي. پينشن وارن تي 15،20 سيڪڙو انڪم ٽيڪس ظلم آهي. پي ٽي آءِ جي زرتاج گل چيو ته اقتصادي سروي حڪومت جي ناڪامي جو واضح ثبوت آهي. عالمي بئنڪ موجب 44.7 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير هيٺ آهي. پ پ جي شهلا رضا چيو ته ڪاربان ليوي ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ سان مهانگائي وڌندي. ن ليگ جي بلوچستان مان چونڊيل ايم اين اي جمال شاهه ڪاڪڙ بلوچستان جي شاهراهن لاءِ فنڊ رکڻ جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته صحيح طريقي سان 250 ارب خرچ ٿين ته بلوچستان جي تقدير بدلجي سگهي ٿي. وفاقي وزير خواجا آصف مهانگائي جو اعتراف ڪندي چيو ته مهانگائي ضرور آهي، پر اڳ ۾ ڇا حالت هئي، هاڻي ڇا آهي. هن چيو ته ٽئڪس چوري جي خلاف ’جهاد‘ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته صرف تماڪ تي 300 ارب ٽيڪس چوري ٿئي ٿو.”بي آءِ ايس پي جا ڪارڊ آسودا ماڻهو وٺي رهيا آهن.
-
امير طبقو 1233 ارب ٽيڪس چوري ۾ ملوث آهي: ايف بي آر چيئرمين
اسلام آباد (م ڊ) ايف بي آر چيئرمين راشد لنگڙيال سينيٽ جي فنانس ڪميٽي کي آگاهه ڪندي چيو ته ملڪ جو امير طبقو 1233 ارب رپين جي ٽيڪس چوري ۾ ملوث آهي. ملڪ جي 5 سيڪڙو اميرن تي 1700 ارب ٽيڪس لاڳو ٿئي ٿو، پر اهي رڳو 499 ارب جمع ڪرائن ٿا. هن چيو ته ٽيڪس نيٽ وڌائڻ بدران اميرن کان اصل ٽيڪس اوڳاڙڻ جي ضرورت آهي. 95 سيڪڙو آبادي وٽ ايئر ڪنڊيشنر به موجود ناهي. سليم مانڊوي والا چيو ته 250 ڪمپنين کي اينٽي مني لانڊرنگ جا نوٽيس ڏنا ويا، فاروق ايڇ نائيڪ خبردار ڪيو ته اهڙا نوٽيس عالمي جاچون شروع ڪرائين ٿا، شبلي فراز پڇاڻو ڪيو ته اي ايم ايل تحت ڪهڙا ڪيس ۽ سزاون ٿيون.