برسلز (م ڊ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پارلياماني وفد جي اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان امن چاهي ٿو، جنگ ذريعي ڪنهن به مسئلي جو حل نٿو نڪري. ڀارت پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي، پاڻي بند ڪرڻ جون ڀارتي ڌمڪيون پاڪستان کي چڙ ڏيارڻ جي ڪوشش آهن. خابرو ادارن موجب بلاول ڀٽو زرداري يورپي پريس ڪلب برسلز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪ-ڀارت تڪرار کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف عالمي برادري کي ڀارتي جارحيت بابت آگاهه ڪرڻ لاءِ هڪ وفد مقرر ڪيو. اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته ڪشمير تڪرار جي پرامن حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پڻ ڳالهه ڪئي وئي، پهلگام واقعي تي پاڪستان ڀارت کي غير جانبدار جاچ جي پيشڪش ڪئي، ڪشمير سميت سمورن تڪرارن جو حل صرف ڳالهين ۽ سفارتي رستن ذريعي ممڪن آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جو يقين آهي ته ڪشمير تڪرار جو ڪو به فوجي حل ناهي، ۽ دهشتگردي سميت ڪنهن به مسئلي جو حل جنگ نٿو ٿي سگهي. تازين ڇڪتاڻن کان پوءِ جنگبندي دوران صبر ۽ بردباري جي ضرورت آهي، پر ڀارت طرفان لڳاتار اشتعال انگيز قدم کنيا پيا وڃن، ۽ ڇڪتاڻ گهٽجڻ جي بجاءِ وڌي آهي. اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي سنڌ طاس معاهدو معطل ڪيو، ۽ 24 ڪروڙ پاڪستانين جي پاڻي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. اهڙو عمل گڏيل قومن جي چارٽر جي سڌي ڀڃڪڙي آهي. جيڪڏهن ڀارت پاڻي بند ڪرڻ جا قدم کڻي ٿو ته اسان وٽ ان کي پاڻيءَ جي جنگ سمجهڻ کانسواءِ ٻي ڪا واٽ ناهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي ڪشمير ۽ دهشت گردي تي ويڙهه ڪرڻ بدران، پاڻيءَ تي ويڙهه لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي. ڀارتي قدمن سان ٻن ايٽمي رياستن وچ ۾ پاڻيءَ جي جنگ جي بنياد وڌي رهي آهي. بلاول چيو ارت سان ڳالهيون نه ٿينديون ته ڇڪتاڻ ڏينهون ڏينهن وڌندي.پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري برسلز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، ڀارت سان تڪرار کان اڳ خطو جيترو محفوظ هو، هاڻي ايترو ناهي.بلاول ڀٽو زرداري آخر ۾ چيو ته، "عالمي برادري کي گهرجي ته هو اسرائيل-ايران جنگبندي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڇو ته اسان اسرائيل ۽ ايران جي جنگ برداشت نه ٿا ڪري سگهون.