تهران(م ڊ) ايراني ميڊيا جي رپورٽن موجب، ايران ۾ 5 شهرين کي اسرائيل سان مبينا طور تي تعاون ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن تي الزام آهي ته انهن حساس معلومات مهيا ڪئي يا مدد فراهم ڪئي، جيڪا ايران جي قومي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي. اسرائيلي فوجي ذريعن مطابق، گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي فضائي فوج (ائير فورس) ايران جي اندر 150 کان وڌيڪ هدفن تي حملا ڪيا آهن.