اسلام آباد(م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم ذريعي عدليه تي مارشل لا لاڳو ڪيو ويو آهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن الزام لڳايو ته، اڄ وڪيل صاحب ڊرامو رچايو، چون ٿا ته کيس اڄ ڪيس جو پتو ئي نه هو، جج صاحب به اڄ موڪل تي هليو ويو، ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ به اهڙا ئي حيلن بهانن سان ڪم هلائيندا.هن وڌيڪ چيو ته هي هڪ ڪوڙو ڪيس آهي، ان ڪيس ۾ ڪجھ به ناهي. اسان پنهنجو آئيني حق روڊن تي وٺي سگهون ٿا. گذريل ڀيري به اسان تي گوليون هلايون ويون،منهنجي اها ڳالهه به هلائجو. اوهان وٽ هٿيار آهن، هن ڀيري اسين به هٿيار ساڻ آنداسين،هن چيو ته عمران خان نه جهڪڻ وارو آهي، نه ڪنهن سان ڊيل ڪرڻ وارو آهي. هو جيل ۾ به بني گالا کان وڌيڪ مضبوط آهي. هي تحريڪ هاڻ سڀ ڪجهه فيصلي واري مرحلي تي آڻي ڇڏيندي ،هاڻي آر يا پار ٿيندو،برداشت ختم ٿي وئي آهي،هن ملڪ جو آئين ۽ قانون ٽيليفون ٿي هلي رهيو آهي،