اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته اسان کي عمران خان جي آزادي ممڪن نظر نٿي اچي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليمه خان چيو ته پي ٽي آءِ جي باني اڳواڻ تحريڪ بابت پنهنجي تيارين کان مطمئن آهن. اسان کي خبر آهي ته باني پي ٽي آءِ ڇا چيو آهي ۽ پارٽي جي ٻين اڳواڻن جا به بيان اسان جي سامهون آهن. هي هاڻ تحريڪ کي روڪي نه ٿا سگهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان تي هر طرف جا در بند ڪيا ويا آهن، جج صاحبان لاچار آهن، اسان سمجهي سگهون ٿا ته انهن تي ڏاڍو دٻاءُ آهي. اسان ججن سان ايڪتا ڏيکاري رهيا آهيون، پر لڳي ٿو ته اها به انهن لاءِ ڪافي ناهي. عليمه خان جو چوڻ هو ته انهن عمران خان کي ڪيترن مهينن تائين قيد ۾ رکڻ جو ارادو ڪيو آهي. اسان کي باني پي ٽي آءِ جي آزادي ايندڙ وقت ۾ نظر نٿي اچي. هاڻ اسان کي ڏسڻو پوندو ته پي ٽي آءِ جي قيادت ڪهڙي ريت باني کي آزاد ڪرائڻ لاءِ قدم کڻندي