عمران خان ۽ بشريٰ جي سزا خلاف درخواستن تي ٻڌڻي نه ٿي، ڪارڪنن جو احتجاج

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي سزا معطلي بابت درخواستن تي ڪالهه ٻڌڻي نه ٿي سگهي، سزا معطلي جي درخواستن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محمد آصف کي ٻڌڻي ڪرڻي هئي پر جسٽس محمد آصف جي موڪلن تي هجڻ سبب ٻڌڻي نه ٿي، سماعت نه ٿيڻ تي پي ٽي آءِ جي وڪيلن جي ٽيم، خيبرپختونخواهه جي وزير اعليٰ علي امين گنڊا پور، عليمه خان، بئرسٽر سلمان صفدر ۽ نيازالله نيازي وقتي چيف جسٽس جي سيڪريٽري جي آفيس پهچي ويا، ڪارڪنن هاءِ ڪورٽ ٻاهران نعريبازي ڪئي، عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ هاڻ 26 جون جي تاريخ ڏني وئي آهي، اسان کي اڳ چيو پئي ويو ته ايندڙ هفتي ٻڌائينداسين ته نئين تاريخ ڪهڙي هوندي، اسان چيو ته جيڪڏهن تاريخ نه ڏني وئي ته اسين هتان نه وينداسين، ان کان پوءِ اسان کي ٻڌايو ويو ته باني ۽ بشريٰ بي بي جي سزا معطلي واري درخواستن تي ٻڌڻي 26 جون تي ٿيندي، ٻئي پاسي، اسلام آباد جي ايف آءِ اي عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف توشا خانا 2 ڪيس جي ٻڌڻي پهرين جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.